Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

نافرماني لعنت وسڻ جو سبب آهي

سيپاري: 6، سورت مائده، آيت: 78 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

لُعِنَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا مِنْۢ بَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ عَلٰى لِسَانِ دَاوٗدَ وَ عِیْسَى ابْنِ مَرْیَمَؕ-ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّ كَانُوْا یَعْتَدُوْنَ(۷۸)

ترجمو ڪنزالعرفان: بني اسرائيل مان ڪفر ڪرڻ وارن تي داؤد ۽ عيسٰي بن مريم جي زباني لعنت ڪئي وئي. هي لعنت ان سبب هئي جو انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي سرڪشي ڪندا رهندا هئا.

هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته بني اسرائيل نافرماني ڪئي، اهي ماڻهو گُنَاهن ۾ حد کان وڌيا، الله پاڪ جي حدن کي ٽوڙيو ته حضرت داؤد ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيهمَا السَّلَام انهن تي لعنت فرمائي۔ لهٰذا اهي ماڻهو عذاب ۾ گرفتار ٿيا۔ معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي نافرماني لعنت وسڻ جو سبب آهي۔

نافرمان تي الله پاڪ جي لعنت

حضرت وَهب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، الله پاڪ بني اسرائيل جي نبي سڳورن مان ڪنهن نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي فرمائي: ٻانهو جڏهن منهنجي اطاعت ڪري ٿو ته مان ان کان راضي ٿي ويندو آهيان ۽ جڏهن مان ان کان راضي ٿي ويندو آهيان ته ان کي برڪتون عطا ڪندو آهيان۔ جڏهن ٻانهو منهنجي نافرماني ڪندو آهي ته مان ان کان ناراض ٿي ويندو آهيان ۽ جڏهن مان ان کان ناراض ٿي ويندو آهيان ته ان تي لعنت وسائيندو آهيان ۽ منهنجي لعنت ان جي 7 پيڙهين تائين پهچندي آهي۔([1])


 

 



[1]...جہنم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:64۔