Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

ٻانهو گُنَاھ ڪري ٿو ته هي گُنَاھ ان جي دِل ۾ اونداھي ڪندو آهي ۽ بدن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي۔ ([1])

نافرماني آفتن ۽ بلائن جو سبب آهي

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

ظَهَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ اَیْدِی النَّاسِ لِیُذِیْقَهُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا لَعَلَّهُمْ یَرْجِعُوْنَ(۴۱)

(پاره:21،سورۂ رُوْم:41)

ترجمو ڪنزالعرفان: خشڪي ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿي ويو انهن برائين جي سبب جيڪي ماڻهن جي هٿن ڪمايون ته جيئن الله انهن کي انهن جي ڪجهه ڪمن جو مزو چکائي ته جيئن اهي مڙي وڃن.

اللهُ اَڪْبَر! معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي نافرماني ۽ گُنَاهن جي سبب زمين ۾ فساد برپا ٿيندو آهي، ڏڪار پوندو آهي، برساتون رُڪجي وينديون آهن، فصل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا آهن، وبائون پکڙجن ٿيون ۽ خبر ناهي ڪيترا ڪيترا فساد زمين ۾ ظاهر ٿين ٿا۔

جانور لعنت موڪلين ٿا...!

حضرت مُجَاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ڏڪار شِدَّت اختيار ڪندو آهي، برساتون رڪجي وينديون آهن ته جانور نافرمانن تي لعنت موڪليندا آهن ۽ چوندا آهن: هي ڏڪار انسان جي گُنَاهن جي ڪري آهي۔([2])

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  غور فرمايو! هن کان وڌيڪ ٻي ذِلّت ڪهڙي هوندي جو انسان اشرفُ المخلوقات آهي پر جڏهن هي گُنَاھ ڪري ٿو، ان جون نافرمانيون حد کان وڌن ٿيون ته جانور جيڪي اسان کان ڪيئي ڀيرا گھٽ آهن، اهي به انسان کي بُرو ڀلو چوَن ٿا۔ معلوم ٿيو؛ جيڪو نافرمان آهي، هو پنهنجي


 

 



[1]...موسوعہ امام ابن ابی الدنیا، کتاب التوبہ، جلد:3، صفحہ:424، حدیث:197 ۔

[2]...تفسیرِ بغوی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:159، جلد:1، صفحہ:130۔