Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

عطا ڪيو پر ان نافرماني ڪئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون گستاخيون ڪيون، نيٺ ان تي عذاب آيو، الله پاڪ ان بدانجام کي ۽ ان جي فوج کي مڇرن جي ذريعي تباهه ڪري ڇڏيو۔

فِرعون ڪيترو طاقت وارو هو، ان نافرماني ڪئي، ان جي بادشاهت ان جي ڪجھ ڪم نه آئي، طاقت، قُوّت، تاج و تخت، فوج، سڄو لشڪر هتي رهجي ويو ۽ فِرعون پنهنجي ڪافِر قوم سميت دريا ۾ غرق ٿي ويو۔

هي آهي نافرماني جو انجام...! الله پاڪ وڏو مهربان آهي، اهو مهلت ڏي ٿو، سُڌرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿو پر جيڪي نٿا سُڌرن، نافرمانين تي اڙجن ٿا، گُنَاهن تي دليري ڏيکارين ٿا، اهي پاڻ الله پاڪ جي غضب کي دعوت ڏين ٿا، پوءِ جڏهن ان جَبَّار و قهّار جو قَهر ٿئي ٿو، پوءِ ڪو فرق نٿو پئي ته ڪير بادشاھ آهي ڪير فقير، ڪير طاقت وارو آهي ڪير ڪمزور، جڏهن الله پاڪ جو قَهر ٿئي ٿو ته مال و دولت ڪجھ ڪم نٿا اچن، تاج و تخت بيڪار رهجي ويندا آهن ۽ طاقت و قُوَّت جو غرور ختم ٿي ويندو آهي۔

پر افسوس! اسان ڊڄون نٿيون، قبر و آخرت جو فِڪر نٿيون ڪيون، شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي پئون ٿيون، دُنيا جي پويان هلون ٿيون، نفساني خواهشن جي هٿان  مغلوب ٿي الله پاڪ جي نافرماني ڪيون ٿيون ۽ قهرِ اِلٰهي کي دعوت ڏيون ٿيون۔ ڪاش! اسان اڳوڻين قومن جي عبرتناڪ انجام کان عبرت وٺون، ڪاش! اسان پنهنجي رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ جھڪي وڃون، نافرمانين کان پاسو ڪريون، ڪاش! اسان کي سچي توبه جي توفيق مِلي وڃي ۽ الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون فرمانبردار بڻجي وڃون۔

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دِليون ڦيريون وينديون

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ جو فضل آهي، اسان جي پياري آقا،