Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

قُلْ یٰعِبَادِیَ الَّذِیْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰۤى اَنْفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِیْعًاؕ-اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ(۵۳) (پاره:24،سورۂ زُمَر:53)

ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: اي منهنجا اهي ٻانهؤ جن پنهنجي پاڻ تي زيادتي ڪئي! الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ الله سمورا گناهه بخشي ڇڏيندو آهي. بيشڪ اهو ئي بخشڻ وارو مهربان آهي.

3 ڀيرا دُعاءِ مغفرت جي برڪت

امام اَبُو اللَّيث سمر قندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: اڳوڻين قومن ۾ هڪ شخص هو، ان کوڙ گُنَاھ ڪيا هئا، هڪ ڀيري ان پنهنجي اڳوڻي زِندگي بابت سوچيو، گُنَاهن بابت غور ويچار ڪيو ته ان کي شرمساري ٿي، شرمسار ٿي ان ٽي ڀيرا چيو: اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ موليٰ! تنهنجي بخشش... اِلٰهي! تنهنجي بخشش، اي الله پاڪ! تنهنجي بخشش۔ انهيء لمحي ان کي موت اچي ويو ۽ الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔([1]) الله پاڪ اسان کي سچي توبه جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَد اَحَبَّنِي


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، صفحہ:53۔