Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

نافرماني ذِلَّت ۽ رُسوائي جو سبب آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله ۽ رسول جي نافرماني ذِلَّت ۽ رُسوائي جو سبب آهي، جيڪو انسان الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو رهي ٿو، توبه نٿو ڪري، الله پاڪ جي طرف رجوع نٿو آڻي، هو الله پاڪ جي بارگاه ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي ۽ بارگاھ اِلٰهي ۾ ان جي ڪا وُقعَت باقي ناهي رهندي ۽ جيڪو انسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ذليل و رُسوا ٿي وڃي، جنهن جي بارگاھِ رَبُّ العزّت ۾ ڪا وقعت نه رهي، ان کي ڪٿي عزّت ناهي ملندي۔ سيپاري: 17، سورت حَج، آيت: 18 ۾ ارشاد آهي:

وَ مَنْ یُّهِنِ اللّٰهُ فَمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍؕ-  (پاره:17،سورۂ حَج:18)   

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽  جنهن  کي الله ذليل ڪري ته ان کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي.

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت تحت آهي: معلوم ٿيو ته عزّت ۽ ناموَرِي ڪنهن قوم يا فرد جي ميراث نه آهي جو ڪو ٻانهو چاهي، ڪيترا ئي ڪارا ڪم ڪندو رهي، پنهنجو اعمال نامو گُنَاهن سان ڀري وٺي، ان جو ڪردار نافرمانين سان داغدار هجي، ان جي باوُجُود هو عزّت سان ئي زِندگي گذاريندو... نه! نه! هيئن نه آهي بلڪه جيڪو پنهنجي اخلاق و ڪردار سان، نيڪ عملن سان، خير خواهي ۽ همدردي سان پنهنجو پاڻ کي عزّت جو حقدار ثابت ڪري ٿو، الله پاڪ ان کي عزّت ڏي ٿو ۽ جيڪو مسلسل نافرمانين ۾ مبتلا رهي ٿو، هو ذِلّت جي اونهي کڏ ۾ ڪرايو ويندو آهي۔([1])


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:17، سورۂ حج، زیرِآیت:18، جلد:6، صفحہ:418و419۔