Book Name:Nafarmani Ka Anjam
هاڻي مون کي غيب مان آواز آيو: جڏهن تون بيمار ٿيندو آهين، تَوبَه ڪندو آهين ۽ جڏهن تندرست ٿي ويندو آهين ته گُنَاھ ڪرڻ لڳي ويندو آهين۔ جڏهن تڪليف ۾ مبتلا ٿيندو آهين ته روئيندو آهين ۽ جڏهن شفاياب ٿيندو آهين ته بُرائي ۽ نافرماني لاءِ تيار ٿي ويندو آهين۔ تون ڪيترين مصيبتن ۽ آزمائشن ۾ مبتلا ٿين، الله پاڪ توکي ان کان نجات عطا فرمائي، ان جي باوُجُود تون گُنَاهن ۾ غرق رهين، ڇا توکي موت جو خوف نه هو...؟ تون عقل رکين ٿو، سمجھ رکين ٿو، پوءِ به غفلت ۾ رهين ٿو، الله پاڪ تو تي فضل فرمايو، تو ان کي وساري ڇڏيو، تو ڪيترا ڀيرا الله پاڪ کان واعدو ڪيو، پوء ٽوڙي ڇڏيو۔
حضرت منصور بن عَمّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هو هي ڳالهيون ڪندي روئي رهيو هو، مان ان وٽان اٿي وڃڻ لڳس، اڃا گھر جي دروازي جي ويجھو ئي پهتو هئس جو ان جو انتقال ٿي ويو ۔([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي آهي نافرماني جو انجام...! بيشڪ الله پاڪ جي رحمت تمام وڏي آهي، بيشڪ الله پاڪ پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول فرمائي ٿو پر ان جو هي مطلب هرگز نه آهي جو اسان توبه جي اُمِّيد تي گُنَاهن ۽ نافرمانين تي دلير ٿي وڃون، توبه وڏي اعليٰ نيڪي آهي پر ان جي توفيق هر هڪ کي ناهي ملندي، بعض اوقات نافرمانين جي وبال جي طور تي دِليون ڦيرايون وينديون آهن، الله پاڪ جي لعنت وسندي آهي ۽ توبه جي توفيق به ناهي ملندي، هيئن ٻانهو بغير توبه ڪري، نافرمانين ۾ غرق ٿي موت جو شڪار ٿي ويندو آهي۔
الله پاڪ اسان کي اهڙي ذِلّت ۽ رُسوائي کان بچائي۔ ڪاش! سچي توبه جي توفيق ملي وڃي۔
بڑی کوششیں کیں گناہ چھوڑنے کی رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی!
جو ناراض تُو ہو گیا تو کہیں کا رہوں گا نہ تیری قسم یااِلٰہی!
مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!
آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ