Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی      ہائے! میں نارِجَہنَّم میں جلوں گا یارب!

عَفو کر اور سدا کے لئے راضی ہوجا      گر کرم کر دے تُو جنّت میں رہوں گا یارب! ([1])

ڪيتريون ئي قومون هيون جيڪي تباه ڪيون ويون..!

 افسوس! * جيڪي الله پاڪ جي نافرماني ڪن ٿا * گُنَاهن تي اَڙجن ٿا ۽ پنهنجي گُنَاهن کي سٺو ڏيکارڻ جي لاءِ طرح طرح جا بهانا ٺاهن ٿا * وياج کي پرافِٽ (Profit) چوندا آهن * بي حيائي کي جِدَّت جو نالو ڏئي ڏيندا آهن * بي پردگي کي فيشن (fashion) جو نالو ڏيندا آهن، اهڙا نادان ٿورو اندازو ته ڪن؛ ڪنهن جي نافرماني ڪري رهيا آهن...! اڄ مَن گھڙت (هٿ ٺوڪيون) ڳالهيون ڪري، زبان هلائي، گُنَاھ جو نالو بدلائي، بظاهر دِل کي بھاني وارا لفظ ٻڌائي گندي ڪم کي ماڻهن جي نگاھ ۾ سٺو ڪري به وٺون ته ڇا الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ناهي ٿيڻو؟ ٿورو سوچيو ته سهي! جنهن جبّار و قهّار جي نافرماني ڪيون ٿا، ڇا اهو ڏسي نٿو؟ ڇا عمل لکڻ وارا ملائڪ اسان جا عمل لکن نه پيا؟ جڏهن ائين آهي ته پوءِ هن دِل لُڀائڻ وارن لفظن جو ڪهڙو فائدو...؟ گُنَاھ ته آخر گُنَاھ ئي آهي۔ گُنَاھ جو انجام هميشه عبرتناڪ ئي نڪري ٿو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ كَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍؕ-وَ كَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِیْرًۢا بَصِیْرًا(۱۷) (پاره:15 ،سورۂ بَنِي اِسْرَائِيل:17)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان نوح کان بعد ڪيترون ئي قومون هلاڪ ڪري ڇڏيون ۽ توهان جو رب پنهنجي ٻانهن جي گناهن جي گهڻي خبر رکڻ وارو آهي ڏسڻ وارو آهي.

الله! الله! اهي ڪهڙيون قومون هيون! انهن کي دُنيا ۾ عزّت ڏني وئي


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:85ملتقطاً۔