Book Name:Nafarmani Ka Anjam
تَوبه ۽ استغفار سٺي زِندگي جو ذريعو آهن
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَّ اَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوْبُوْۤا اِلَیْهِ یُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّ یُؤْتِ كُلَّ ذِیْ فَضْلٍ فَضْلَهٗؕ-وَ اِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّیْۤ اَخَافُ عَلَیْكُمْ عَذَابَ یَوْمٍ كَبِیْرٍ(۳) (پاره:11،سورۂ ھُوْد:3)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ هي ته پنهنجي رب کان معافي گهرو پوءِ ان جي طرف توبهه ڪيو ته اهو توهان کي هڪ مقرر مدت تائين تمام سٺو فائدو ڏيندو ۽ هر فضيلت واري کي پنهنجو فضل عطا ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان منهن ڦيريو ته مان توهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف ڪيان ٿو.
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ فرمايو ويو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن کي حڪم ڏيو ته اي انسانو! پنهنجي اڳوڻن گُنَاهن جي معافي گھرو ۽ آئنده گُنَاھ ڪرڻ کان توبه ڪريو! جنهن پنهنجي گُنَاهن کان پڪي توبه ڪئي ۽ اِخلاص سان پنهنجي رَبِّ ڪريم جو عبادت گذار بڻجي ويو ته الله پاڪ ان کي ڪثير رِزق ۽ وُسعَتِ عيش عطا فرمائيندو ۽ هو امن ۽ راحت ڀري زِندگي گذاريندو، ان کان الله پاڪ راضي ٿيندو۔ ۽ جيڪو توبه نه ڪري، ڪفر ۽ گُنَاهن تي قائِم رهي ته هو خوف واري زِندگي گذاريندو، بيمارين ۾ مبتلا رهندو ۽ ان کي الله پاڪ جي ناراضي پڻ ڏسڻي پوندي، جيتوڻيڪ دُنيا ۾ ان کي لذّتون مِلي به وينديون، تڏهن به ان عيش ۾ ڪا ڀلائي نه آهي جنهن کان بعد جهنّم هجي۔([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ وڏو بخشڻهار، مهربان آهي۔ ڪيترا ئي گُنَاھ هجن، ٻانهو الله پاڪ جي طرف رُجُوع آڻي، پنهنجي گُنَاهن جو اقرار ڪري، رَبِّ رحمٰن و رحيم جي پاڪ بارگاھ ۾ جھڪي وڃي، الله پاڪ تَوبه قبول فرمائي ٿو ۽ معافي سان نوازي ڇڏي ٿو۔ سيپاري: 24، سورت زُمَر، آيت:53 ۾ ارشاد آهي: