Book Name:Nafarmani Ka Anjam
ڪرڻ وارو الله پاڪ کي غضب ڏياري ٿو (2):گُنَاھ ڪرڻ وارو اِبليس (يعني شيطان) کي خوش ڪري ٿو (3): گُنَاھ ڪرڻ وارو جنّت کان پري ۽ (4): جهنّم جي قريب ٿي ويندو آهي (5): گُنَاھ ڪرڻ وارو پاڻ، پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪري ٿو (6): گُنَاھ ڪرڻ وارو پنهنجي باطِن کي ناپاڪ ڪندو آهي (7): گُنَاھ ڪرڻ وارو عمل لکڻ وارن ملائڪن کي تڪليف ڏي ٿو (8): گُنَاھ ڪرڻ وارو نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي غمگين ڪري ٿو (9): گُنَاھ ڪرڻ وارو زمين و آسمان کي پنهنجي خِلاف گواھ بڻائي ٿو (10): گُنَاھ ڪرڻ وارو انسانن سان خيانت ۽ الله رَبُّ العالمين جي نافرماني ڪري ٿو۔([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڃا وقت آهي، اسان جا ساھ هلي رهيا آهن، تَوبه جو دروازو کليل آهي، اڄ توبه ڪريون ته گُنَاهن جي معافي جي صُورت بڻجي سگھي ٿي * الله نه ڪري جيڪڏهن گُنَاھ ڪندي ڪندي ئي مَلَڪ المَوت عَلَيۡهِ السَّلَام اچي ويو *پساھ پورا ٿي ويا *رُوح بدن کان جُدا ٿي ويو * آه! گُنَاھ ڪندي ڪندي قبر ۾ لهي ويون سين * الله ۽ رسول اسان کان ناراض ٿي ويو * گُنَاهن تي پڪڙ ٿي وئي * اسان جا اهي ئي گُنَاھ درندن جي صُورت بڻجي قبر ۾ اچي ويا * نانگ وڇونء لاش سان وڪوڙجي ويا * قبر جون ديوارون پاڻ ۾ ملي ويون ته ان اونداهي قبر ۾، تنهائي ۾، وَحشت ڀري ماحول ۾ ڪيڏانهن وينديون سين؟ ڪنهن کي مدد لاءِ سڏينديون سين؟
ان ڪري اڄ وقت آهي، سٺو اهو ئي آهي جو اڄ بلڪ هيئنر ئي سچي پڪي توبه ڪري وٺون، گُنَاھ ڇڏي ڏيون ۽ پڪي نيت ڪري وٺون ته * هاڻي ڪڏهن گُنَاھ نه ڪنديون سين * هاڻي اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي *رمضان المبارڪ جا روزا به پُورا رکنديون سين *زڪوٰة فرض ٿيندي آهي ته اها به پُوري پُوري ادا ڪنديون سين * فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا ٻڌڻ جي بدران مدني چينل جي عِلمِ دين سان ڀرپُور پروگرام ڏسنديون سين * نعتون ٻڌنديون سين * تِلاوت ڪنديون سين ۽ ٻڌنديون سين۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم!