Book Name:Nafarmani Ka Anjam
الله! الله! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي آهي نافرماني جو ڀيانڪ انجام...! اهي ماڻهو جيڪي بظاهر نيڪ آهن، نمازون پڙهن ٿا، روزا رکن ٿا، تلاوت به ڪن ٿا پر گُنَاهن ۾ به مَصرُوف رهن ٿا، لڪي، تنهائي ۾ الله پاڪ جي نافرماني ڪن ٿا، هو هن کان عبرت حاصل ڪن۔
افسوس! ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن هيئن گُنَاھ ڪندي ڪندي قبر ۾ لهي ويون سين، الله نه ڪري جيڪر گُنَاهن تي گرفت ٿي وئي، هاءِ! جيڪڏهن عذاب مُسَلَّط ڪيو ويو، جيڪڏهن نانگ وڇوئن ڪفن ڦاڙي اسان جي جسم تي قبضو ڪري ورتو، قبر جون ديوارون ملڻ سان پاسڙاٽيون ٽٽي هڪ ٻئي سان ملي ويون ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ آه! اڄ معمولي چوٽ به برداشت ناهي ٿيندي، جيڪڏهن قبر ۾ ملائڪن هٿوڙا وسائڻ شروع ڪيا ته ڪيڏانهن وينديون سين، اهڙيون هولناڪ تڪليفون ڪيئن برداشت ڪري سگھنديون سين؟ ٿورو ٿڌي دِل سان نافرمانين جي هن ڀيانڪ انجام جو تصور ته ڪريو! غور ته ڪريو! ڇا عذابِ قبر جو سوچي ئي دِليون ڏڪن نٿيون؟ ڇا هنيانء نٿا ڦاٽن؟ ڊپ نٿو ٿئي، ٿئي ٿو دِل خوف سان ڪنبڻ لڳي ٿي۔ هاڻي فيصلو ڪريو ته اڄ گُنَاھ ڇڏي الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ لڳي وڃڻ آسان آهي يا قبر ۾ انهن عذابن کي منهن ڏيڻ سولو آهي؟ يقيناً اسان مان ڪو به قبر ۽ آخرت جا عذاب سهي نه سگھندو۔ لهٰذا عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان اڄ ئي توبه ڪريون، اڃا وقت آهي، اڃا اسان هن دُنيا ۾ آهيون، ساھ هلي رهيا آهن، الله پاڪ اسان کي مهلت عطا فرمائي آهي، توبه جو دروازو به کليل آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان اڄ ئي گُنَاهن کان پڪي سچي توبه ڪريون ۽ الله پاڪ جون نافرمانيون ڇڏي الله و رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي رضا وارن ڪمن ۾ لڳي وڃون۔
صحابئ رسول حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اي گنهگار! تون گُنَاھ جي بُري انجام کان ڇو بي خوف آهين؟ هائو! گُنَاھ جي ڳولها ۾ رهڻ