Book Name:Nafarmani Ka Anjam
نافرماني ذليل ۽ رُسوا ڪري ڇڏيو
حضرت جبير بن نُفَير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن مسلمانن قُبرُس کي فتح ڪيو، مون ڏٺو ته صحابيء رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه تنهائي ۾ ويٺا روئي رهيا آهن، مون سندن خدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: عالي جاه! اڄ ته الله پاڪ مسلمانن کي ڪافرن تي غلبو عطا فرمايو آهي (يعني اڄ خوشي جو ڏينهن آهي) ۽ اوهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهيو؟ حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: اي جُبَير! غور ته ڪريو...! جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، هو پنهنجي رَبّ وٽ ڪيترو بي وُقعَت ٿي ويندو آهي۔ قُبْرُس جا رهاڪو ڪيتري غلبي ۽ عزّت وارا هئا، انهن الله پاڪ جا اَحڪام ڇڏيا، پنهنجي رَبِّ ڪريم جي نافرماني ڪئي ته انهن جو هي حال ٿيو (جو اڄ انهن کي شڪست ٿي ۽ اهي ذليل و رُسوا ٿي ويا)۔ ([1])
عزّت صِرف الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ آهي
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! خبر پئي؛ عزّت صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي فرمانبرداري ۾ آهي، جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، هو ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي۔ سڀني مسلمانن جي اَمڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها هڪ ڀيري حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي نصيحت ڀريو خط لکيو، ان ۾ فرمايائون: بيشڪ جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، ان جي سزا ۾ ان شخص جي واکاڻ ڪرڻ وارا ماڻهو ئي ان جون بُرائيون ڪرڻ لڳن ٿا۔([2])
حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو نيڪي ڪري ٿو ته هي نيڪي ان جي دِل ۾ نُور ۽ بدن جي طاقت بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن