Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

گُنَاه الله پاڪ کان جنگ آهي

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏٺو توهان! الله پاڪ جي نافرماني جو ڪيترو ڀيانڪ انجام ٿيو، الله پاڪ بني اسرائيل جي ان نافرمانن کي قيامت جي لاءِ نشانِ عبرت بڻائي ڇڏيو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ انهيء عبرتناڪ واقعي بابت فرمائي ٿو:

فَجَعَلْنٰهَا نَكَالًا لِّمَا بَیْنَ یَدَیْهَا وَ مَا خَلْفَهَا وَ مَوْعِظَةً لِّلْمُتَّقِیْنَ(۶۶) (پاره:1، البقرۃ:66)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ اسان اهو واقعو ان وقت جي ماڻهن ۽ ان کان پوءِ وارن جي لاءِ عبرت ۽ پرهيزگارن جي لاءِ نصيحت بڻائي ڇڏيو.

          معلوم ٿيو ته هن واقعي ۾ عبرت آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ هن واقعي کي اسان جي عبرت لاءِ بيان ڪيو آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان هن مان عبرت وٺون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رَجُوع ڪريون، تَوبه ڪريون، نيڪيون ڪريون ۽ الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني کان هر گھڙي بچنديون  رهون، ڇوته الله ۽ رسول جي نافرماني دُنيا و آخرت ۾ ذِلَّت و رُسوائي جو سبب آهي۔ حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: اي اِبنِ آدم! تنهنجي هلاڪت ٿئي...! ڇا تون الله پاڪ کان مقابلو ڪرڻ چاهين ٿو؟ ٻڌو! ٻڌو! جنهن الله پاڪ جي نافرماني ڪئي ڄڻ ان الله پاڪ کان جنگ ڪئي۔([1])

گناہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی!       بُری عادتیں بھی چھڑا یااِلٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی!        مجھے  نیک  خصلت  بنا  یااِلٰہی!([2])


 

 



[1]...عُیُون الحکایات، حصہ اوّل، صفحہ:52۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:100۔