Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

عمل ڪندا رهيا، پوءِ انهن کي شيطان حيلو سيکاريو، انهن هيئن ڪيو جو پنهنجي گھرن جي ويجھو وڏا وڏا حوض ٺاهي سمنڊ کان ناليون ڪڍي حوض تائين کڻي آيا، ڇنڇر واري ڏينهن جڏهن مڇيون گھڻيون ٿيون ته نالين جا مُنڍکولي ڇڏيا، مڇيون ان نالين جي ذريعي حوض ۾ اچي وينديون هيون، پوءِ ٻي ڏينهن اهي انهن کي پڪڙي وٺندا هئا۔

اها به الله پاڪ جي نافرماني ئي هئي، انهن صِرف پنهنجي دِل جي تسلي جي لاءِ هيئن ڪيو هو، نه ته ظاهر آهي، مڇيون پڪڙڻ منع هو، چاهي ڄار ذريعي پڪڙين، چاهي حوض جي ذريعي قيد ڪن، ٻنهي صُورتن ۾ مڇيون ته پڪڙيون ئي ويون۔

لهٰذا انهن کي سمجھايو ويو، دِين جو درد رکڻ وارن انهن کي نيڪي جي دعوت ڏني، انهن کي ٻڌايو ته جيڪو توهان ڪري رهيا آهيو، هي غير شرعِي حيلو آهي، هي صرف هڪ بهانو آهي، توهان الله پاڪ جي نافرماني ڪري رهيا آهيو پر انهن نه مڃيو، الله پاڪ جي نافرماني ڪندا رهيا، گُنَاھ ڇڏي ۽ توبه ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا، نيٺ انهن جي لاڳيتو نافرماني سبب الله پاڪ جو قَهر انهن تي نازل ٿيو، هڪ صبح جو ڏٺو ويو ته نافرمانن جا چهرا مَسخ ٿي چڪا هئا ۽ اهي سڀ نافرمان ڀولا بڻجي چڪا هئا۔([1]) الله پاڪ هي عبرتناڪ واقعو قرآنِ ڪريم ۾ هيئن ذِڪر فرمايو:

وَ لَقَدْ عَلِمْتُمُ الَّذِیْنَ اعْتَدَوْا مِنْكُمْ فِی السَّبْتِ فَقُلْنَا لَهُمْ كُوْنُوْا قِرَدَةً خٰسِـٕیْنَۚ(۶۵) (پاره:1،سورۂ بَقَرَه:65)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ يقينًا توهان کي معلوم آهن اهي ماڻهو جن توهان مان ڇنڇر جي ڏينهن ۾ سرڪشي ڪئي، ته اسان انهن کي چيو ته تڙيل ڀولڙا بڻجي وڃو.

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی

ہائے میں نارِ جہنم میں جلوں گا یارب!


 

 



[1]...حاشیہ صاوی علی الجلالین، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:66، جلد:1، صفحہ:80۔