Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!      جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

منڊي پائڻ جون سُنّتون ۽ آداب

پياريون پياريون  اسلامي ڀينرون! مَرد کي سون (Gold) جي منڊي (Ring) پائڻ حرام آهي۔ رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي * (نابالغ) ڇوڪري کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو، ائين ٻارن جي هٿ پيرن تي بلا ضرورت ميندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پنهنجي هٿن پيرن تي ميندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪرن کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي * لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي * مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن لاءِ ناجائز آهي * بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي * چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني چار گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي * عيدن تي منڊي پائڻ مُستَحب آهي، پر مرد اها ئي جائز واري منڊي پائي * مرد کي گھرجي ته منڊي جو نگينو تري ڏانهن ۽ عورت منڊي جو نگينو هٿ جي پشت (يعني هٿ جي پٺي) ڏانهن رکي


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔