Nafarmani Ka Anjam

Book Name:Nafarmani Ka Anjam

فضيلت وڃائي ويهندو آهي ۽ انسانيت واري درجي کان ڪِري ذِلّت جي اونهي کڏ ۾ ڪري پوندو آهي۔

وياج کائڻ واري جي قبر ۾ عذاب

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  نافرماني صِرف دُنيا ۾ نه، قبر ۽ آخرت ۾ به ذِلَّت جو سبب آهي۔ عَلّامه اِبنِ حجر مڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن مان ننڍو هئس ته پابندي سان پنهنجي والِد صاحب جي قبر تي حاضري ڏيندو هئس ۽ قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندو هئس۔ هڪ ڀيري رمضان المبارڪ ۾ فجر نماز کان فوراً بعد قبرستان ويس، ان وقت قبرستان ۾ منهنجي عِلاوه ڪو ٻيو نه هو، مان والِد صاحِب جي قبر وٽ ويهي قرآنِ ڪريم جي تِلاوت شروع ڪئي، اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي جو اوچتو مون کي روئڻ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو۔ روئڻ وارو هر هر ”آه! آه!“ چئي رهيو هو۔ مون غور ڪيو ته هي آواز ويجھو ئي هڪ سفيد چمڪدار قبر مان اچي رهيو هو، مان تِلاوت ڇڏي اهو آواز ٻڌڻ لڳس، قبر جي اندران عذاب جو آواز دِل کي بيقرار ڪري رهيو هو، پوءِ ڪجھ ئي دير کان بعد جڏهن ڏينهن خوب روشن ٿي ويو ته اهو آواز به اچڻ بند ٿي ويو۔

هاڻي اتي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ شروع ٿي چڪو هو، مون هڪ شخص کان پڇيو: هي ڪنهن جي قبر آهي؟ ان ٻڌايو ته فلاڻي جي آهي۔ مان ان قبر واري کي سڃاڻي ويس، مون ان قبر واري کي ڏٺو هو، هو ڪثرت سان مسجد ايندو ويندو هو، نمازون وقت تي ادا ڪندو هو، فضول گفتگو کان پرهيز ڪندو هو پر ان جي باوُجُود ان کي قبر ۾ عذاب ٿي رهيو هو، ان ڳالھ مون تي وڏو اثر ڪيو، ان ڪري مون ان جي باري ۾ معلومات ڪئي ته خبر پئي ته هو نمازي شخص هڪ واپاري هو، جڏهن پوڙهو ٿيو ته ان وٽ مال گھٽ رهجي ويو، لهٰذا لالچ ۾ اچي ان وياج جي ڏيتي ليتي شروع ڪئي۔ شايد اهو ئي سبب هو جو هو رمضان المبارڪ ۾ به اهڙي دردناڪ عذاب ۾ ڦاٿل هو۔([1])


 

 



[1]...جہنّم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:70۔