Book Name:Nafarmani Ka Anjam
هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: الله پاڪ جي خاطِر پاڻ ۾ محبت رکڻ وارا جڏهن پاڻ ۾ ملن، هٿ ملائن ۽ نبي (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي درود موڪلين ته انهن جي جُدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان سمورا گُنَاھ بخشيا ويندا۔([1])
پڑھتا رہوں کثرت سے درود اُن پہ سَدا میں اور ذِکْر کا بھی شوق پئے غوث و رضا دے ([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.[3] لهٰذا پنهنجي حسبِ حال سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکنديس * سڄو بيان ٻڌنديس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌنديس