Book Name:Nafarmani Ka Anjam
مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم آهي جو الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ سندن اُمَّت کي رُسوا ناهي ڪندو، اسان گُنَاھ به ڪيون ٿيون ته اسان تي اڳوڻين قومن جيان اجتماعي عذاب نه ٿا اچن، اسان جا چهرا نٿا بگاڙيا وڃن، هن اُمّت کي اڳوڻين اُمّتن جيان باندر ۽ خنزير نٿو بڻايو وڃي پر ياد رکو! الله پاڪ جي نافرماني جو نتيجو ته بهرحال نڪري ئي ٿو۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: اڳوڻين اُمّتن جو عذاب جسماني خَسۡف ۽ مَسۡخ هو (يعني پهرين واريون اُمّتون نافرماني ڪنديون هيون ته انهن کي زمين ۾ دٻايو ويندو هو، انهن جا چهرا بگاڙيا ويندا هئا، ڪو باندر بڻجي ويندو هو، ڪو خنزير(سوئر) بڻجي ويندو هو) پر هن اُمّت جو عذاب روحاني خَسف ۽ مَسخ آهي، پهريان جسم بدلجندا هئا، هاڻي دِليون ڦيريون وينديون آهن۔([1]) الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ نُقَلِّبُ اَفْـٕدَتَهُمْ وَ اَبْصَارَهُمْ (پاره:7،سورۂ اَنْعَام:110)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيري ڇڏينداسين.
الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ جي پناھ! ڪيتري عبرت جي ڳالھ آهي، گُنَاھ ڪرڻ سان، الله و رسول جي نافرماني جي سبب دِليون ڦيريون وينديون آهن۔
دِليون ڦيرجڻ جون 3 نشانيون
حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي آيت بيان ڪري فرمائن ٿا: دِل بدلجڻ جون 3 نشانيون آهن: (1): اطاعت ۾ لذّت نه ماڻڻ (2): گُنَاھ کان خوف نه ڪرڻ (3): ڪنهن جي موت کان عبرت نه وٺڻ۔([2])
انهن ٽنهي نشانين کي سامهون رکي اسان پنهنجي دِل جي حالت تي ٿورو غور ڪريون، اڄ اسان جي حالت ڪجھ اهڙي ئي آهي * گُنَاهن ۾ اهڙي لذّت