Book Name:Nafarmani Ka Anjam
آهي۔ مون چيو؛ ”لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللهِ“ ڪيڏانهن ويون اهي نمازون، اهي روزا، تهجد ۽ راتين جو قيام؟ ته ان مون کي حسرت وچان چيو؛ اي منصور! مان هي سڀ ڪجھ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ نه ڪندو هئس، مان اهي عبادتون ڏيکاءُ جي لاءِ ڪندو هئس، منهنجي خواهش هئي ته ماڻهو مون کي نمازي، روزيدار، تهجد گذار چون، مان ڏيکاءُ جي لاءِ ذِڪر به ڪندو هئس، پر آه! جڏهن مان تنهائي ۾ هوندو هئس ته دروازو بند ڪري، ڪپڙا لاهي خوب شراب پئي، الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو هئس۔ پوءِ هڪ ڀيري هيئن ٿيو جو مان سخت بيمار ٿي پيس، مون کي بچڻ جي اُمِّيد ئي نه رهي، ته پوءِ مون قرآنِ ڪريم هٿ ۾ وٺي تِلاوت شروع ڪئي، مان هڪ هڪ اَکر پڙھندو ويس سورت يٰسين شريف تائين پهتس ته مون دُعا گھري: اي الله پاڪ! هن قرآنِ عظيم جي صدقي مون کي شفا عطا فرماء، مان آئينده گُنَاھ نه ڪندس۔
الله پاڪ قرآنِ مجيد جي برڪت سان مون کي شفا عطا فرمائي پر افسوس! مان ٻيهر گناهن ۾ مشغول ٿي ويس، مون تَوبه ڇڏي ٻيهر شيطان جي پويان هلڻ لڳس، ڊگھي عرصي تائين اهو ئي سلسلو رهيو، پوءِ اوچتو مان انهيء بيماري ۾ مبتلا ٿيس، مون موت جو پاڇو ڏسي ورتو، هاڻي وري مون قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي، قرآنِ مجيد جي وسيلي سان دُعا گھري، تَوبه ڪئي، گُنَاهن جي معافي گھري، الله پاڪ مون کي ٻيهر معاف فرمائي ڇڏيو، مون کي شفا نصيب ٿي وئي۔
پر افسوس! منهنجي ناداني...!! صحت جي نعمت ملندي ئي مان ٻيهر خواهشات جي پويان هلڻ لڳس، مون ٻيهر گُنَاهن جي وادي ۾ قدم رکيو، نافرمانيون ڪري الله پاڪ کي ناراض ڪندو رهيس۔ هاڻي ٽئين ڀيري الله پاڪ مون کي انهيء مرض ۾ مبتلا فرمايو، هن ڀيري به مون اهو ئي طريقو اپنايو، مون قرآنِ ڪريم گھرايو، کوليو، پر افسوس! منهنجي زبان بند ڪئي وئي، مان قرآنِ ڪريم پڙھڻ چاهيندو هئس پر هڪ اکر به نه پڙھي سگھيس، هن حالت مان سمجھي ويس ته الله پاڪ مون کان سخت ناراض آهي، پوءِ به مون الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ياالله پاڪ! قرآنِ مجيد جي صدقي مون کي شفا عطا فرما۔