Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

ڪيو، ظاهر ۾، باطِن ۾ هر اعتبار سان انهن سان محبت ڪيو، اهي پاڪ هستيون جنهن راھ جون مُسَافِر آهن، توهان به ان راھ جا مُسَافِر ٿيو ۽ جنهن انداز سان انهن زندگي گذاري آهي، توهان به انهن کان رهنمائي حاصل ڪيو ۽ انهيء انداز سان زندگي گذاريو! ([1])

مجھے اَوْلیا کی محبت عطا کر                   تُو    دیوانہ    کر    غوث    کا    یااِلٰہی([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري ۾ اسان ايمان وارن کي جيڪو حڪم ڏنو ويو، اڄ اسان ان تي عمل ڪندي الله پاڪ جي هڪ سچي ٻانهي، هڪ سچي عاشِقِ رسول، هڪ سچي ڪامِل ولي، شَيخُ المَشَائِخ، حضرت سيد علي بن عثمان يعني داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرت پاڪ ۽ سندن ڪجھ نصيحتون ٻڌڻ ۽ انهن کي پنهنجي دِل جي مدني گلدستي ۾ سينگارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، الله پاڪ اسان کي اَولياءِ ڪرام جي سچي پڪي محبت عطا فرمائي ۽ انهن جي تعليمات کي عملي طور پنهنجي ڪردار جو حِصو بنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

داتا سائين جو مختصر تعارُف

* داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪم و بيش 400 هجري ۾ دُنيا تي تشريف کڻي آيا.
* پاڻ افغانستان جي هڪ علائقي غزني جا رهاڪو هئا. غزني جو هڪ محلو: هجوير آهي. داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان محلي ۾ رهندا هئا، انهيء نسبت سبب هجويري سڏيا وڃن ٿا * داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نَجِيبُ الطَّرَفَين يعني حسني،


 

 



[1]...تفصیل جي لاءِ ڏسو: تفسیر نعیمی، پارہ:11، سورۂ توبہ، آیت:119، جلد:11، صفحہ:123-128۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:106۔