Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

جي برڪت آهي، جيڪڏهن اسان سمورا 72 نيڪ اَعمَال پنهنجي زِندگي ۾ نافِذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ته ان جون ڪيتريون برڪتون نصيب ٿينديون؟

نيت ڪيو! اسان 72 نيڪ اَعمال واري ديني ڪم کي پنهنجي زندگي ۾ نافِذ ڪنداسين۔ هن جي لاءِ 72 نيڪ اَعمَال جو رسالو مڪتبة المدينه تان طَلَب ڪيو، هن کي پاڻ وٽ رکو، روزانو وقت مقرر ڪري هن جا خانا پُر ڪري پنهنجي علائقي جي ذِميدار کي جمع ڪرايو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دين ۽ دُنيا جون کوڙ ساريون برڪتون نصيب ٿينديون۔

الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ نيڪ اَعمال (NaikAmal) موبائل ايپلي ڪيشن به جاري ڪئي آهي، اها ايپليڪيشن ڊاؤن لوڊ ڪريو، هن جي ذريعي روزانو پنهنجن عملن جو جائِزو وٺو، غور ۽  فِڪر سان هن جا خانا ڀريو ۽ ڪارڪردگي جمع ڪرايو۔ اها ايپليڪيشن پاڻ به ڊاؤن لوڊ ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔ اچو! نيڪ اعمال اپنائڻ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

مدني مُنّي جو شوقِ عبادت

الحمد لله! دعوتِ اسلامي Special Persons (سپيشل پرسنز) يعني گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن ۾ به نيڪي جي دعوت عام ڪري ٿي، هڪ ڀيري ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ اشارن جي زبان (Sign Language) ۾ بيان ڪندي چيو: جيڪو ڪثرت سان عِبَادت ڪري ٿو ۽ نفل پڙھي ٿو، الله پاڪ ان کي پسند فرمائي ٿو۔ ان اجتماع ۾ هڪ مدني مُنّو پنهنجي والد صاحب سان گڏ آيل هو، اهو مدني مُنّو گونگو هو، مبلغ اسلامي ڀاءُ جو بيان ان جي دِل تي اَثر ڪري ويو، بيان کان بعد جڏهن آرام جو وقفو ٿيو ته رات جو تقريباً 2 بجي ڏٺو ويو ته اهو مدني مُنّو نفل پڙھڻ ۾ مَصرُوف آهي، ان کان پڇيو ويو ته ايتري رات نفل ڇو پڙهي رهيا آهيو، چيائين: مان الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو بڻجڻ چاهيان ٿو۔ بعد ۾ ان