Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيا آهيون ته هن جي تقاضا آهي ته اسان سڀ ڪجھ ڇڏي ڪري مسجد ۾ پهچي وڃون. اها ترجيح آهي. اها ئي ترجيح اسان کي پنهنجي سمورن معاملن ۾ لاڳو ڪرڻي آهي۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هن جي برڪت سان آهسته آهسته اسان جي دِل مان غَيرُ الله جي محبت ختم ٿي ويندي۔

هن تمام گفتگو جو خُلاصو ڪڍون ته ڳالھ ٻيهر نيت ڏانهن موٽندي يعني پهريان اسان کي تمام گُنَاهن کان توبه ڪرڻي آهي، پوءِ هر اهو ڪم جيڪو شرعي طور جائِز آهي، ان ڪم ۾ الله پاڪ جي رِضا حاصِل ڪرڻ جي نيت ڪرڻي آهي، بَس اهو هڪ ڪم جيڪڏهن اسان پابندي سان ڪيون ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! نَفس جون خواهشون ختم ٿي وينديون، دِل مان دُنيا جي محبت آهسته آهسته ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندي ۽ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هن جي برڪت سان اسان جي دِل پاڪ ٿي ويندي، جڏهن دِل پاڪ ٿي ويندي ته ظاهر به سَنورجي ويندو۔

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اَعمَال

پيارا اسلامي ڀائرو! قربان وڃجي! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي حڪمت، سندن اعليٰ سوچ، عِلم ۽ مهارت تي جو پاڻ هن پُرفتن دَور ۾ نيڪ بڻجڻ ۽ گُنَاهن کان بچڻ جو جيڪو ناياب نسخو عطا فرمايو آهي يعني 72 نيڪ اَعمَال، ان ۾ سڀ کان پهريون نيڪ عَمَل اهو آهي: ڇا اڄ اوهان ڪجھ نه ڪجھ جائِز ڪمن کان پهريان گھٽ مان گھٽ هڪ هڪ سٺي نيت ڪئي؟

جيڪڏهن اسان صِرف هن هڪ نيڪ عمل کي استقامت سان اپنائي وٺون ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هن جي برڪت سان دِل پاڪ ٿي ويندي، دِل مان دُنيا جي محبت نڪرندي ۽ الله پاڪ جي رضا حاصِل ڪرڻ جو ذِهن به بڻجي ئي ويندو۔ هاڻي اندازو لڳايو! اها 72 نيڪ عمل مان صِرف هڪ نيڪ عمل تي استقامت