Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

آيت ۾ آهي:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶) (پ:27، سورۂ ذاريٰت:56)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ مان جن ۽ انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منهنجي بندگي ڪن.

ڄڻ فرمايو ويو: اي انسان سڀ ڪجھ توهان جي لاءِ ۽ توهان اسان جي لاءِ، مخلوق توهان جي لاءِ ۽ توهان خالِق جي لاءِ۔([1])

جانور پیدا کئے ہیں تیری وفا کے واسطے           چاند سورج اور ستاروں کو ضیا کے واسطے

کھیتیاں سرسبز ہیں تیری غذا کے واسطے          یہ جہاں تیرے لئے ہے اور تُو خُدا کے واسطے

معلوم ٿيو؛ اسان دُنيا جي لاءِ ناهيون بڻيا بلڪ دُنيا اسان جي لاءِ آهي ۽ اسان ڪنهن جي لاءِ آهيون؟ الله پاڪ جي لاءِ، الله پاڪ جي عِبَادت جي لاءِ، دِل ۾ الله پاڪ جي، الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت وڌائڻ جي لاءِ۔ جيڪڏهن اسان دِل مان دُنيا کي ڪڍي ڇڏيون، غَيرُ الله جي محبت دِل مان فَنَا ڪيون ته ڇا ٿيندو؟ دِل صاف ٿي ويندي، دِل ۾ پاڪيزگي ايندي، دِل نُورِ ايمان سان جڳمڳائڻ لڳندي، ايمان جي حلاوت ۽ مٺاس نصيب ٿي ويندي۔

نظر  خالِق  ڏانهن رکندڙ مالِڪ بڻجي ويندو آهي

داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مَنْ نَظَر اِلَی الْخَلْقِ ھَلَکَ وَ مَنْ  نَظَرَ   اِلَی   الْخَالِقِ مَلَکَ  جنهن مخلوق ڏانهن نگاھ ڪئي اهو هلاڪ ٿي ويو ۽ جنهن خالِق ڏانهن نِگاھ رکي، اهو مالِڪ ٿي ويو۔ ([2])


 

 



[1]...مواعِظِ نعیمیہ، صفحہ:58۔

[2]...کشف المحجوب، صفحہ56۔