Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

دولت نصيب فرمائي۔ ڪاش! اسان به حُسنِ اَخلاق جا پيڪر بڻجي وڃون، ماڻهن جي بُرن روين تي ڪاوڙ ڪرڻ، انتقام جي باھ ۾ سڙڻ ۽ سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ (يعني بُرائي جي بدلي بُرائي سان پيش اچڻ) جي بدران مُعَاف ڪرڻ سکي وٺون۔ الله پاڪ اسان کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي.

آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

دے حُسْنِ اَخْلاق کی دوولت         کر دے عطا اِخْلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا                           یااللہ!  مری  جھولی  بھر  دے([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

محل ۾ باھه لڳي پئي (ڪرامت)

حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن لاهور آيا ته اتي سندن هڪ ئي ڪم تي گھڻو ڌيان ڏنو؛ اسلام جي تبليغ ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ جي راھ تي لڳائڻ، پاڻ ڏينهن رات وڏي جذبي ۽ ذوق و شوق سان اهو فرض ادا ڪندا رهيا، جتي موقعو ملندو هو اتي نيڪي جي دعوت جي مدني گلن جي ورکا پڻ ڪندا هئا، ڪافِرن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا ۽ بي عمل مسلمانن کي نيڪ عملن جي ترغيب ڏياريندا هئا، داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪوششن سان ماڻهو دِينِ اسلام ڏانهن مائِل ٿيڻ لڳا، ڪافِر ڪلمو پڙھي مسلمان ٿيڻ لڳا، مسجدون آباد ٿيڻ شروع ٿي ويون ۽ ماڻهو سندن بارگاھ ۾ حاضِر ٿي عِلمِ دين سکڻ لڳا۔

 ان وقت لاهور جو حاڪم ڪافِر هو، جڏهن لاهور جي حاڪم کي انهن ڳالھين


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:123۔