Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

دِل ۾ الله پاڪ جي محبت پيدا ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو آهي، ان جون رُڪاوٽون ڪهڙيون آهن؟ وغيره۔ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ديني ۽ علمي مدد ڪندي داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان سوالن جي جواب ۾ سڄو ڪتاب ڪشفُ المَحجُوب لکي انهن جي مشڪل آسان ڪئي ۽ آئنده ايندڙ مسلمانن جي لاءِ به عِلم ۽ حڪمت جو بهترين ذخيرو گڏ ڪيائون۔

ڪشفُ المَحجُوب جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! * ڪشفُ المَحجُوب اهڙو زبردست ڪتاب آهي جو وڏا وڏا صُوفي سڳورا هن ڪتاب کي باقاعده پڙھندا به هئا ۽ پنهنجي شاگردن کي پڙھائيندا به هئا * ڪشف جي معني آهي: کولڻ ۽ مَحجُوب جو مطلب آهي: پَردَي ۾ رکيل شيء۔ گُنَاهن جي ڪري دِل تي جيڪا مير چڙھندي آهي، صُوفي سڳورا ان کي حِجَاب چوندا آهن، ايئن ڪشفُ المَحجُوب جو مطلب ٿيندو: دِل جا پردا کوليندڙ ڪتَاب * خواجه نظامُ الدِّين اَولياء رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: جنهن کي پِيرِ ڪامِل نه ملندو هجي، اُهو ڪشفُ المَحجُوب پڙھي وٺي، پيرِ ڪامِل ملي ويندو۔([1])

کَشْفِ مَحْجُوب ہے فیضِ داتا حُضُور                                                                 کَشْفِ مَحْجُوب میں زِندگی کا سرور

اس کی عظمت میں بولے یہ خواجہ نِظام         ہے یہ رہبر سراپا، کرامت کا نُور

ہے یہ نسخۂ نایاب دِل کے لئے                جو پڑھے دِل لگا کر، سمجھ کر اسے

پیرِ کامِل ملے، بند رَسْتہ کھلے                     گنج بخشی ہے اس کی یہ ظاہِر ظہور


 

 



[1]...فیضانِ داتا علی ہجویری، صفحہ:58۔