Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

باطِن يعني دِل جي صَفَائي جي لاءِ 2 ڳالھيون ضروري آهن؛ ان ۾ هڪ اَصل آهي ۽ ٻي ان جي شاخ آهي، اَصل اها آهي ته دِل مان غَيرُ الله جي محبت چڱي طرح ڪڍي وڃي ۽ شاخ اها آهي ته دِل کي دُنيا جي محبت کان خالي ڪيو وڃي ۽ اُمَّت ۾ اهي ٻئي ڳالھيون سڀ کان وڌيڪ، پُوريون ۽ ڪامِل جنهن هستي ۾ موجود آهن، اهو اسلام جو پهريون خليفو حضرت ابوبڪر صديق رَضِى اللهُ عَنۡه آهي۔ ([1])

یقیناً منبعِ خوفِ خُدا صدیق اکبرہیں                         حقیقی عاشِقِ خیر الوریٰ صدیقِ اکبر ہیں

عمر سے بھی وہ افضل ہیں، وہ عثماں سے بھی ہیں اعلیٰ             یقیناً پیشوائے مرتضیٰ صدیقِ اکبر ہیں

طبیبِ ہر مریضِ لادَوا صدیقِ اکبر ہیں                    غریبوں بےکسوں کا آسرا صدیقِ اکبر ہیں([2])

 داتا صاحب جي قول جي وڌيڪ وضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! هونئن دِل جي صَفَائي جو مڪمل نصاب آهي، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه احياء العلوم ۾ هن کي تفصيل سان بيان فرمايو آهي، داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به ڪشفُ المَحجُوب ۾ دِل مان گُنَاهن جا پردا پري ڪرڻ جا طريقا ئي ٻڌايا آهن پر انهن تمام تفصيلات جو خُلاصو اهي ئي 2 شيون آهن: (1): هڪ اَصل؛ يعني دِل مان غَيرُ الله (يعني هر اها شيء جيڪا الله پاڪ کان پري ڪري، ان) جي محبت ڪڍي ڇڏڻ۔ جيڪي الله پاڪ کان پري نه ڪن بلڪه الله پاڪ جي قُرب جو ذريعو بڻجن مثال طور اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، اولياءِ ڪرام وغيره اهڙن هنڌن کي غَيرُ الله ناهي چيو ويندو۔ خير! دِل جي صَفَائي جي لاءِ پهرين ضروري شيء آهي: غَيرُالله جي محبت دِل مان ڪڍڻ ۽


 

 



[1]...کشف المحجوب ،صفحہ:54۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:565 و 566۔