Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

نيت ڪري سمهي رهو، اسان جو سمهڻ عبادت ۾ شُمار ٿيندو * صبح اُٿو، فجر جي نماز ادا ڪيون، ناشتو ڪرڻ کان پهريان نيت ڪري وٺون: عِبَادت تي قُوَّت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ ناشتو ڪيان ٿو * ڪم تي وڃون ته نيت ڪري وٺون: الله پاڪ جي رضا جي لاءِ حلال رزق ڪمائيندس۔ ايئن هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان گھٽ مان گھٽ هڪ هڪ سٺي نيت ڪندا رهون، اسان جو هر جائِز ڪم نيڪين ۾ شُمار ٿيندو ويندو ۽ اسان زِندگي جو وڏو حِصو نيڪين ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين۔

پوءِ اسان جيڪي وڏا وڏا ۽ اهم ڪم ڪيون، ان کان پهريان استخاري جي به عادت بڻايون، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي استخاري جي تعليم ايئن ئي ڏيندا هئا جيئن قرآنِ ڪريم سيکاريندا ها۔

 بهارِ شريعت، حصو 4 صفحي: 68 تي استخاري جو طريقو لکيل آهي، هن جون دُعائون به لکيل آهن، اتان کان پڙهي ياد ڪري وٺو. الحمد لله! دعوتِ اسلامي به اسان کي استخاري جي سهولت فراهم ڪري ٿي، هيءُ نمبر نوٽ ڪري وٺو: 021-34858711  هن نمبر تي ڪال ڪري هٿو هٿ استخارو ڪرائي سگھجي ٿو.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دِل جي پاڪيزگي تمام ضروري آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تمام پيارو ڪتاب ڪشفُ المَحجُوب مان عِلم ۽ حڪمت جا ڪجھ مدني گل چونڊڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيون ٿا پر هن کان پهريان هڪ حديثِ پاڪ ٻڌو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلَا ٻُڌي وٺو! اِنَّ فِي الجَسَدِ مُضغَۃً بيشڪ