Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادَت بڻايو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي هڪ ٻئي اعتبار سان غور فرمايو! داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي هڪ دِيني ڪتاب لکڻو هو، ان کان پهريان پاڻ غور ۽ ويچار ڪيو ته اهو ڪتاب لکڻ منهنجي آخرت جي لاءِ بهتر آهي يا نه آهي، لهٰذا پاڻ استخارو ڪيائون، پوءِ سٺيون سٺيون نيتون ڪيون، پوءِ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. هاڻي اسان غور ڪريون: اسان جو اَنداز ڪهڙو هوندو آهي؟ * اسان جي دِل ۾ بَس خيال اچڻ جي دير هوندي آهي، يڪدم اهو ڪم ڪري وجھندا آهيون * اسان وٽ وڏيون وڏيون عمارتون بيهاريون وينديون آهن * ڪروڙن جا ڪاروبار شروع ڪيا ويندا آهن * اسان جي زِندگي جا 20، 20 سال اسڪولن ڪاليجن ۾ گذري ويندا آهن * لکين روپيا خرچ ڪيا ويندا آهن * نوڪري ڪرڻ ۾، پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ ۾ هڪ عرصو گذاري ڇڏيندا آهيون۔ ڪڏهن اسان غور ڪيو: اسان اهو سڀ ڇو ڪري رهيا آهيون؟ ڇا هن ۾ اسان جي ڪا سٺي نيت آهي؟ ڇا هن ۾ اسان جي لاءِ آخرت جو ڀلو آهي؟ * ڪڏهن اسان ٿوري دير جي لاءِ غور ۽ فڪر ڪيون، ڪاغذ قلم کڻي ويهي رهون ۽ پنهنجي زِندگي ۾ جيڪي اسان وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن مثال طور اسڪول ۾ پڙھندا رهيؤ، ڪاليج ۾ پڙھندا رهيؤ، ڊگريون حاصِل ڪندا رهيؤ، گھر بڻايو، گاڏي خريد ڪئي، ايئن جيڪي وڏا وڏا ڪم هاڻي تائين ڪيا آهن، انهن جي هڪ فهرست بڻايون، پوءِ انهن ۾ هر هڪ ڪم جي سامهون صرف اهو لکندا وڃون ته اهو ڪم مون ڇو ڪيو هو؟ پنهنجي خواهش سان، دُنياوي فائدي جي لاءِ ڪيو هو يا الله پاڪ جي رضا حاصِل ڪرڻ جي نيت هئي؟ اهو ڪجھ منٽن جو غور و فِڪر اسان کي اسان جي زِندگي جي حقيقت ٻڌائي ڇڏيندو، اسان کي خبر پئجي ويندي ته اسان ٻانها آهيون ته ڇا بندگي به ڪري رهيا آهيون يا بَس نفس جي خواهشات جي پٺيان وڃي رهيا آهيون؟ اسان جي زندگي جو هڪ وڏو حصو جيڪڏهن پنهنجي