Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

جسم ۾ رت جو هڪ ٽڪڙو آهي، اِذَا صَلَحَت صَلَحَ الجَسَدُ ڪلُّه جڏهن اهو (رت جو ٽڪرو) ٺيڪ ٿي وڃي ته سڄو جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي، وَاِذَا فَسَدَت فَسَدَ الجَسَدُ ڪلُّه ۽ جڏهن اهو خراب ٿي وڃي ته سڄو جسم خراب ٿي ويندو آهي اَلَا وَھِي القَلبُ ٻڌي وٺو! رت جو اهو ٽڪرو دِل آهي۔ ([1])

معلوم ٿيو اَصل مَقصد دِل جي پاڪيزگي ۽ صَفَائي آهي، ڇوته جيڪڏهن دِل صَاف ٿي وئي ته ان جي برڪت سان ظاهر به صاف ٿي ويندو۔

دِل جي صَفَائي جو طريقيڪار

دِل جي پاڪيزگي جي لاءِ، باطني بيمارين کان شِفَا ماڻڻ جي لاءِ، دِل مان گُنَاهن جو مَر لاهڻ جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي، اچو! داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِري ڏيون ٿا ۽ ان سُوال جو جواب معلوم ڪيون ٿا۔ داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرف هڪ شعر ۾ دِل جي پاڪيزگي جو طريقو ٻڌايو آهي، فرمائن ٿا: ([2])

اِنَّ الصَّفَا صِفَۃُ الصِّديق                                                                                                         اِن اَرَدتَّ صُوفِيا عَلَي التَّحقِيق

          وضاحت: صاف دِل هئڻ اِسلام جي پهرين خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت صِدِّيق اڪبر رَضِى اللهُ عَنۡه جي صِفَّت آهي، جيڪر سچّا صُوفِي (صاف دِل) بڻجڻ چاهيو ٿا ته سندن سيرت مان رهنمائي حاصِل ڪيو۔

اُمَّت ۾ سڀ کان پاڪ دِل وارو ڪير؟

 پنهنجي هن فرمان جي وَضَاحت ڪندي داتا علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:


 

 



[1]...بخاری، باب بدء الخلق ، صفحہ: 824، حدیث: 3208۔

[2]...کشف المحجوب، صفحہ:54۔