Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

داتا سائين ۽ سٺيون سٺيون نيتون

  پيارا اسلامي ڀائرو! بزرگن جي هر ادا نرالي هوندي آهي، انهن جي مبارڪ انداز ۾ اسان جي لاءِ عِلمِ ۽ حِڪمت جا بيشُمار مدني گل هوندا آهن. حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن ڪشفُ المَحجُوب شريف لکيو ته اهو عَظِيم ڪتاب لکڻ ۾ سندن جيڪو انداز هو، ان مبارڪ انداز ۾ به اسان جي لاءِ بهترين سبق آهي، پاڻ دَاتا علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان مطابق پاڻ ڪشفُ المَحجُوب شريف لکڻ کان پهريان 2 اَهم ڪم ڪيا: (1) پهريان استخارو ڪيو (2) پوءِ جڏهن استخاري ۾ اهو اشارو مِلي ويو ته ڪتَاب لکڻ بهتر آهي ته پاڻ سٺيون سٺيون نيتون ڪيون، پوءِ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو۔

دِيني سُوالن جو جواب ڏيڻ ۾ احتياط ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سُوال پڇيو ويو هو، پاڻ عالِمِ دِين به آهن، اُن سُوال جي جواب کان 100 سيڪڙو واقف به هئا، ان جي باوُجُود پاڻ ائين نه ڪيائون جو جيئن ئي سُوال ٿيو؛ بَس جلدي سان جواب لکي روانو ڪري ڇڏيو. پاڻ احتياط ڪيائون، پهريان استخارو ڪيو، پوءِ سٺيون سٺيون نيتون ڪيائون، پوءِ وڃي سُوال جو جواب لکيائون يعني ڪشفُ المَحجُوب تحرير فرمايو۔

هاڻي اسان غور ڪيون؛ اسان جو حال ڪهڙو هوندو آهي؟ اسان کان ته بس ڪو سوال پڇا ڪري، اسان کي ان جو جواب ايندو هجي يا نه ايندو هجي، جلدي ۾ جيڪو سمجھ ۾ آيو ڳالهائيندا وتندا آهيون بلڪ بعض اوقات ته اسان کان سُوال پڇيو به ناهي ويندو، سُوال پڇڻ وارو ڪنهن ٻئي کان پڇي رهيو هوندو آهي، اسان جي ڪنن ۾ بس آواز اچي ۽ اسان مُفت ۾ مُفتي بڻجي جواب ڏيڻ