Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

اهو مُعَاملو ڏسي لاهور جي حاڪم جي دِل ۾ خيال آيو: منهنجي محل ۾ اوچتو باھ لڳي پئي ۽ هاڻي وسامي نٿي، ٿي سگھي ٿو ته اها منهنجي ڪنهن غلطي جي سزا آهي. پوءِ اهو خيال آيو: مون ان دَروَيش (يعني داتا سائين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) کي تڪليف پهچائي آهي، شايد انهيء ڪري منهنجي محل ۾ باھ لڳي پئي آهي۔ بَس اهو خيال اچڻو هو ته هو يڪدم داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قدمن ۾ حاضِر ٿيو، نهايت عاجزي سان داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان مُعَافِي گُھري. هيڏانهن داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: وڃ! مُعَاف ڪيو. هوڏانهن محل جي باھ وسامي وئي. داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها زِندھ ڪرامت ڏسي لاهور جي حاڪم جي دِل روشن ٿي وئي ۽ انهيء وقت ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو۔([1])

دولتِ دُنیا کا سائِل بَن کے میں آیا نہیں                                  مجھ کو دیوانہ مدینے کا بنا داتا پیا

کاش! پھر لاہور میں نیکی کی دعوت عام ہو                                 فیض کا دریا بہادو سرورا داتا پیا

مسجدیں آباد ہوں اور سنتیں بھی عام ہوں                            فیض    کا    دریا    بہادو    سرورا    داتا    پیا([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سُوال جي جواب ۾ سڄو ڪتاب لکي ڇڏيو

حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الحمد لله! زبردست عالِمِ دين هئا ۽ کين مسلمانن جي خير خواهي جو گھڻو جذبو هو، سندن هڪ رفيق (دوست، ساٿي) حضرت ابوسَعِيد هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هو. ان هڪ ڀيري داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪجھ سُوال پڇيا، مثال طور صُوفي سڳورن جا ڪهڙا عقيدا آهن؟


 

 



[1]...سوانح عمری حضرت داتا گنج بخش، صفحہ:80۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:533 و 535۔