Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

صحابي رَسُول جي ڪرامت

حضرت سلمان فارسي رَضِى اللهُ عَنۡه مشهور صحابي رسول آهن۔ هڪ ڏينهن پاڻ ڪٿي وڃي رهيا هئا، ساڻس هڪ مهمان به هو، راھ ۾ هڪ هنڌان جھنگ مان لنگھڻ ٿيو، اتي هرڻي ۽ پکي هئا۔ حضرت سلمان فارسي رَضِى اللهُ عَنۡه چاهيو ته مهمان جي مهمان نوازي ڪئي وڃي۔ پاڻ هرڻ ۽ پکين کي پُڪاري فرمايائون: اي هرڻؤ! اي پکيؤ! توهان مان هڪ پکي ۽ هڪ هرڻ مون وٽ اچي، مون کي پنهنجي مهمان جي مهمان نوازي ڪرڻي آهي۔

قربان وڃجي! صحابئ رسول حضرت سلمان فارسي رَضِى اللهُ عَنۡه جو آواز ٻُڌو ته هڪ ٿلهو تازو هرڻ ۽ هڪ پکي ڪنڌ جھڪائي ادب سان بارگاھ ۾ حاضر ٿيا. اهو منظر ڏسي اهو شخص گھڻو حيران ٿيو ۽ تعجب وچان ان جي زبان مان اوچتو نڪتو: سُبحٰنَ الله! حضرت سلمان فارسي رَضِى اللهُ عَنۡه فرمايو: ڇا توهان کي حيراني ٿي رهي آهي؟ ڇا توهان اهڙو ڪو ٻانهو ڏٺو آهي جيڪو پنهنجي رَبّ جي اِطاعت ڪندو هجي پر اهي شيون (جيڪي انسان جي خِدمت جي لاءِ ئي بڻيون آهن اهي) ان جي اطاعت نه ڪن۔([1])

اهو آهي: مَنْ نَظَرَ اِلَی الْخَالِقِ مَلَکَ جنهن خالِق ڏانهن نِگاھ رکي، هو مالِڪ ٿي ويو. معلوم ٿيو دُنيا جي هر شيء انسان جي لاءِ بڻيل آهي، لهٰذا جڏهن انسان پنهنجي رَبّ جو ٿي ويندو آهي ته دُنيا جي هر شيء ان جي ٿي ويندي آهي. الله پاڪ اسان کي به دل مان غَيرُالله جي محبت ڪڍڻ، دُنيا کان پيڇو ڇڏائڻ ۽ صِرف الله پاڪ ۽ ان جي محبوب ٻانهن سان محبت رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  


 

 



[1]...جامع کراماتِ اولیا، جلد:1، صفحہ:116۔