Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

محبت میں اپنی گما یااِلٰہی                           نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی

رہوں مست و بےخود میں تیری وِلا میں         پِلا    جام    ایسا    پِلا    یااِلٰہی([1])

 غَيرُ الله جي محبت دل مان ڪڍڻ جو طريقو

پيارا اسلامي ڀائرو! داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو فرمايائون: مَنْ نَظَرَ اِلَی الْخَالِقِ مَلَکَ  جنهن خالِق جي طرف نِگاھ رکي، اُهو مالِڪ ٿي ويو۔

هن فرمانِ عاليشان ۾ هڪ ڳالھ ٿوري ڌيان سان سمجھڻ جي آهي. عام طور تي اسان وٽ جڏهن تَرڪ دُنيا جي ڳالھ ڪئي ويندي آهي ته اسان جي دِل ۾ ڪجھ خدشا پيدا ٿيندا آهن، مثال طور اسان دِل ئي دِل ۾ سوچي رهيا هوندا آهيون ته سائين! تَرڪ دُنيا ته وڏن وڏن ولي سڳورن جو ڪم هو، اسان جهڙا اهو نٿا ڪري سگھن، اسان جا ٻار ٻچا به آهن، ڪاروبار به آهي، والدين به آهن وغيره وغيره۔ هن قسم جون ڳالھيون سوچي اسان پاڻ کي تسلي ڏئي ڇڏيندا آهيون. جڏهن ته تَرڪ دُنيا جي تعليم قرآنِ ڪريم ڏني آهي ۽ اسان داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرمان ٻُڌي چڪا آهيون ته دِل مان دُنيا جي محبت ڪڍڻ بغير باطِن جي صَفائي ٿي ئي نٿي سگھي۔ لهٰذا اسان کي دِل مان دُنيا جي محبت ڪڍڻي ئي پوندي.

ها! اهي جيڪي خدشا اسان جي ذهن ۾ اچن ٿا، دل ۾ وسوسا پيدا ٿين ٿا، انهن جو حل ڳولهڻ گھرجي۔ اَصل ۾ اهي خدشا دُرُست اسلامي معلومات نه هئڻ سبب پيدا ٿين ٿا. دِل مان غَيرُ الله جي محبت ڪڍڻ جو، دِل کي دُنيا جي محبت مان خالي ڪرڻ جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته اسان ڪاروبار ڇڏي ڏيون، ڪم


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:105۔