Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

آزمائش تي صبر و شڪر جو انعام

حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت هئي ته پاڻ اَولياءِ ڪرام جي مزارن تي حاضِر ٿيندا هئا، خاص ڪري جڏهن ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته اُن مشڪل جي حل لاءِ باقاعِده اهتمام سان مزارن تي ويندا هئا۔ پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي ڪا مشڪل پيش آئي ته مان حضرت بَايزِيد بِسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار تي حاضِر ٿيس، الحمدلله! ان جي برڪت سان منهنجي مشڪل آسان ٿي وئي۔

   هڪ ڀيري جو واقعو آهي، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي هڪ مشڪل پيش آئي، ان ڀيري به پاڻ حضرت بَايزِيد بِسطامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار تي حاضِر ٿيا پر هن ڀيري قُدرت کي ڪجھ ٻيو منظور هو، داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٽن مهينن تائين مزارِ پاڪ تي حاضِر رهيا پر مشڪل حل نه ٿي، نيٺ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خُراسان ويا، خُراسان ۾ هڪ ڳوٺ هو، اتي پهچي رات گذارڻ جي لاءِ هڪ خانقاھ ۾ ويا۔

 ان خانقاھ ۾ رهندڙ ماڻهو وڏا بي ادب هئا، انهن داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان سخت نازيبا ۽ توهين ڀريو رويو اختيار ڪيو، پاڻ لذيذ کاڌا کاڌائون ۽ سندن کي سُڪل، خراب ماني ڏنائون، مَعَاذَ الله! طعنا مهڻا ڏيندا رهيا، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه باعَمَل ۽ حُسن اَخلاق وارا هئا، پاڻ انهن بي ادبن جي ان رويي تي صبر ڪيائون ۽ انهن کي ڪو جواب نه ڏنائون، داتا صاحب
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بَس انهيء صبر جي صدقي الله پاڪ منهنجي مشڪل آسان ڪري ڇڏي۔([1])

الله پاڪ داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به صبر ۽ شڪر جي


 

 



[1]...کشف المحجوب مترجم، صفحہ:100۔