Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

 

پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد الله پاڪ جو گهر آهي، مسجد ۾ ڪثرت سان ايندا ڪيو ۽ جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به لازمي ڪري وٺو! بَس رڳو توجھ جي ضرورت آهي، اِنۡ شَاءَاللهُ الۡڪَريۡم!گهڻو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: توهان پنهنجي مجلسن کي مون تي درودِ پاڪ پڙھي سينگاريو، توهان جو مون تي درود پاڪ پڙھڻ قيامت جي ڏينهن توهان جي لاءِ نور هوندو۔([1])


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:280، حدیث:4580۔