Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ كُوْنُوْا مَعَ الصّٰدِقِیْنَ(۱۱۹)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ٿي وڃو.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ اسان ايمان وارن کي 2 حڪم ڏنا آهن: (1) اي ايمان وارؤ! الله پاڪ کان ڊڄو (2) اي ايمان وارؤ! سچن سان گڏ رهو. مشهور مُفَسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جو جيڪو تفسير بيان ڪيو آهي، ان جي مطابق هن آيت ۾ صَادِقِين (يعني سچن) مان مراد ٽي قسمن جا ماڻهو آهن: (1) صحابه ڪرام (2) عاشقانِ رسول عالم ۽ (3) اولياءِ ڪرام. هاڻي هن آيت جي معنٰي هيئن ٿيندي: اي ايمان وارؤ! صحابه سان گڏ رهو، اي ايمان وارؤ! عالمن سان گڏ رهو، اي ايمان وارؤ! اولياءُ الله سان گڏ رهو۔

پوءِ هن هنڌ تي هڪ ٻي ڳالھ سمجھڻ جي آهي، اها هي ته گڏ رهڻ مان ڇا مراد آهي؟ عام طور تي ڪنهن سان گڏ رهڻ جا 2 مطلب آهن: (1) جسماني طَور تي گڏ رهڻ (2) دِلي طَور تي گڏ رهڻ۔ يقيناً جسماني طَور تي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جو قرب حاصِل ٿئي، عاشقانِ رسول عالم سڳورن جي صحبت نصيب ٿئي، اولياءِ ڪرام جي صحبت نصيب ٿئي ته بيشڪ اها وڏي سعادت جي ڳالھ آهي پر آيت سڳوري ۾ صِرف جسماني طَور تي گڏ رهڻ مراد نه آهي، بلڪ هن مان دِلي طَور تي به صحابه ڪرام، عالمن ۽ اولياءِ ڪرام سان گڏ رهڻ مراد پڻ آهي۔ مقصد اهو آهي ته اي ايمان وارؤ! صحابه سان، عالمن سان، اوليائن سان دِلي محبت رکو، جيڪي عقيدا انهن جا آهن، اهي عقيدا اپنايو، انهن جا جيڪي نظريا آهن، اهي نظريا اپنايو، انهن جي تعليمات تي عمل ڪيو، انهن جھڙو اَخلاق اپنايو، انهن جھڙو ڪردار بنايو، انهن جي سيرت مان روشني حاصِل