Book Name:Data Huzoor Ki Nasihatain

حسيني سيد آهن * پاڻ شروع ئي کان وڏا نيڪ صالح، عِبَادت گذار ۽ عِلمِ دِين جو گھڻو شوق رکندڙ هئا * داتا صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ عراق، شام، لبنان، آذر بائيجان، خُراسان ۽ تُرڪستان وغيره کوڙ ملڪن جو سَفر ڪيائون، ان وقت جي وڏن وڏن عالمن ۽ صُوفي سڳورن وٽان عِلمِ دِين سکيائون * تقريبًا 34 سال جي عمر مبارڪ ۾ پنهنجي پير صاحب شيخ ابو الحسن خُتَّلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حڪم سان لاهور پهتا * هتي نيڪي جي دعوت کي عام ڪيائون، دِينِ اسلام جو پيغام ڦهلايائون، ماڻهن کي قرآن ۽ سُنَّت جي تعليم ڏني، پنهنجي اَخلاق سان، ڪردار سان، ڪڏهن بيان ڪري، ڪڏهن ڪرامتون ڏيکاري بيشُمار ڪافِرن کي مسلمان ڪيائون، جيڪي پهريان کان مسلمان هئا، انهن کي سُنَّتن جو پابند بڻايائون، ڪيئي عالِم بڻايائون، ڪيئي ماڻهن کي پنهنجي تربيت ۾ رکي ولايت جي بلند مقامات تائين پهچايائون
* ڪم و بيش 30 سال جي عرصي ۾ پاڻ برصغير ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو * هڪ قول مطابق پاڻ 465 هجري ۾ هن دُنيا مان پردو فرمايو * سندن مزار مبارڪ لاهور ۾ آهي * سندن نسبت سبب لاهور کي مرڪزُ الاَوليا ۽ داتا نگر به چيو ويندو آهي۔([1])

کیا غرض دَر دَر پھروں میں بھیک لینے کے لئے               ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا

جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دِن                                      ہو مِری اُمِّید کا گلشن ہَرا داتا پیا([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...تفصیل جي لاءِ ڏسو: مکتبۃ المدینہ جو رسالہ ”فیضانِ داتا علی ہجویری رَحْمَۃُ اللہِ عَلَیْہِ“۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:534۔