Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

خوفِ خُدا ملڻ سَعَادت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! حضرت بهاءُالدِّين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيدائشي الله جا ڪامِل ولي هئا، گُنَاهن کان بچڻ وارا ۽ ڏينهن راتيون نيڪين ۾ گهاريندڙ هئا، ان جي باوُجُود به سندن جو خوفِ خُدا جو عالم ڪهڙو آهي...! ڪاش! الله پاڪ اسان کي به خوفِ خُدا جون اهڙيون ڪيفيتون نصيب فرمائي۔

حقيقت اها ئي آهي ته الله پاڪ جي خُفيه تَدبِير کان، الله پاڪ جي ناراضي کان، الله پاڪ جي قهر ۽ غضب کان اهو ئي ڊڄي ٿو جيڪو سعادت مند آهي۔ تفسير رُوحُ المعاني ۾ آهي: جڏهن اِبليس لعين (شيطان) مَردُود ٿيو يعني حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي سجدوه نه ڪرڻ جي جُرم ۾ ان کي بارگاھِ اِلٰهي مان ڌڪاريو ويو ته اهو ڏسي حضرت سَيدُنا جبريلِ امين ۽ حضرت سَيدُنا ميڪائيل عَـلَيْـهِما الـسَّـلَام روئڻ لڳا، الله پاڪ کانئن پڇا ڪئي: توهان ٻنهي کي ڪهڙي شيء روئاريو آهي؟ انهن عرض ڪيو، يارَبّ! اسان تنهنجي خفيه تدبير کان بي خوف نه آهيون۔ ته ارشاد ٿيو: ائين ئي رهجو (۽) منهنجي خفيه تدبير کان بي خوف نه ٿجو۔([1])

تِرے خوف سے، تیرے ڈر سے ہمیشہ    میں تھرتھر رہوں کانپتا یااِلٰہی!

مِرے اَشْک بہتے رہیں کاش ہر دَم          ترے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی!

ايمان جي سلامتي جي ڪنهن وٽ گارنٽي ناهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله رَحمٰن جو ڪروڙين ڪروڙ احسان آهي جو ان اسان کي انسان بڻايو ۽ مسلمان ڪيو، پنهنجي پياري حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامَنِ ڪرم اسان جي هٿن ۾ ڏنو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان مسلمان آهيون پر اسان مان ڪنهن وٽ هن ڳالھ جي ڪا ضمانت ناهي ته هُو مرڻ گھڙي تائين مسلمان ئي رهندو، جهڙي طرح بي شُمار ڪافر خوش


 

 



[1]...تفسیر رُوح المعانی، پارہ:19، سورۂ نمل، زیرِ آیت:10، جز:19، صفحہ:217۔