Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

* غيبت ڇو ٿيندي آهي؟ خوفِ خُدا جي ڪمي جي ڪري * چغلي، ڪوڙ، وعدو خلافي، گار گند، اهو سڀ ڇو آهي؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * گھر گھر ۾ جنگ ڇو آهي؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري * ماپ تور ۾ گهٽتائي ڇو ڪئي ويندي آهي؟ خوفِ خُدا جي گهٽتائي جي ڪري، غرض؛ گُنَاهن جون جيتريون به وڏيون فهرستون بڻايون وڃن، انهن تمام گُنَاهن جي سببن ۾ جيڪا بنيادي شيء ملندي اها خوفِ خُدا جي گهٽتائي هوندي۔ لهٰذا جيڪڏهن اسان پنهنجي مُعَاشري کي مِثَالي مُعَاشرو بنائڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن مُعَاشَري مان گُنَاهن جو خاتمو ڪرڻو آهي ته ان جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي اندر خوفِ خُدا پيدا ڪرڻو پوندو۔

خوفِ خُدا اِسلام جي بنيادي تعليم آهي

ٿورو غور ڪيو! اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دُنيا ۾ تشريف آڻڻ کان پهريان اهي ڪهڙيون بُرائيون هيون جيڪي عرب مُعَاشَري ۾ نه هونديون هيون؟ جاهليت واري زماني ۾ بدڪاري عام هئي، شراب عام جام هو، ڪوڙ عام هو، بي حيائي عام هئي، وياج عام هو، رشوت عام هئي بلڪ هن کان وڌيڪ ٻي بُرائي ڪهڙي هوندي جو دُنيا ۾ ڪفر و شِرڪ عام هو، ڪعبي شريف جي ويجھو به شِرڪ جا اسباب موجود هئا، جڏهن اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رَحمَة لِّلعَالَمِين بڻجي دُنيا ۾ تشريف وٺي آيا، پاڻ اِعلانِ نبوت فرمايائون ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اِعلانيه طَور تي اسلام جي دَعوَت ڏيڻ جي لاءِ جيڪو حڪم ڏنو ويو، اهو هي هو:

قُمْ فَاَنْذِرْﭪ(۲) (پاره:29، سورۂ مدثر، آيت:2)

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ ڊيڄار.

يعني اسلام جي اعلانيه تبليغ جو پهريون حڪم ئي خوفِ خُدا تي مشتمل هو، پوءِ اسان جي آقا، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صَفَا نالي جبل تي بيهي جيڪا اسلام جي پهرين اعلانيه تبليغ ڪئي، ان ۾ به رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ