Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

هڪ عنوان ڏنو آهي: عَقبَة البَوَاعِث يعني اهي شيون جيڪي عِبَادت ڪرڻ تي اُڀارين ٿيون، جن جي ذريعي عِبَادت جو شوق پيدا ٿئي ٿو ۽ ٻانهو استقامت سان پنهنجي زندگي جو مَقصَد پُورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو. هن عُنوان تحت امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 2 شيون بيان ڪيون آهن: (1): خوفِ خُدا (2): اُمِّيدِ رَحمت. امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عِبَادت جي راھ تي هلڻ ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين توهان پنهنجي اندر خوفِ خُدا ۽ اُمِّيدِ رحمت جون صفتون پيدا نه ڪيو. امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: نَفسِ اَمَّاره بُرائي جو انتهائي شوقين آهي، هي ان وقت تائين گُنَاهن کان نه مڙندو آهي جيستائين زبردست خوفِ خُدا نه پيدا ڪيو وڃي، لهٰذا نَفسِ اَمَّاره کي عبادت جي راھ تي هلائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ان تي هر وقت خوفِ خُدا جو دُرّو مُسَلَّط رکيو وڃي۔ پوءِ عِبَادت گذار بڻجڻ جي لاءِ خوفِ خُدا ان ڪري به ضروري آهي جو عِبَادت جي راھ ۾ خطرا کوڙ سارا آهن، مثال طور تڪبر آهي، خود پسندي آهي، ۽ ٻيون کوڙ شيون آهن، جيڪي عِبَادت کي تباھ ڪري ڇڏين  ٿيون، انهن سڀني کان بچڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته انسان پنهنجي اندر خوفِ خُدا پيدا ڪري، هر وقت الله پاڪ جي بي نيازي کان ڊڄندو رهي، پاڻ کي عذابِ قبر کان، جهنّم کان، بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِري کان ڊيڄاريندو رهي، ان جي بغير کماحَقُّهٗ عِبَادت گذار بڻجڻ ممڪن نه آهي۔([1])

خوفِ خُدا حاصِل ڪرڻ جا طريقا

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خوفِ خُدا جي اهميت جي باري ۾ ٻڌو، خوفِ خُدا ئي اها بنيادي شيء آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي دُنيا ۾ اچڻ جي مقصد کي پُورو ڪري سگھون ٿا، خوفِ خُدا جي ذريعي ئي اسان گُنَاهن کان بچي سگھون ٿا، خوفِ خُدا ئي جي ذريعي اسان جو مُعَاشرو مِثَالي مُعَاشرو بڻجي سگھي ٿو۔ هاڻي سوال اهو آهي ته اسان جي اندر خوفِ خُدا پيدا ڪيئن ٿيندو؟


 

 



[1]...منہاج العابدین، صفحہ:369-370 خلاصۃً۔