Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

سان عرض ڪيو؛ شهزادا! اوهان ته تمام ننڍا آهيو هينئر کان ايترو خوف ڇاجو؟ اطمينان رکو! ٻارن کي عذاب ناهي ڏنو ويندو، هي ٻڌي امام جعفر صادق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو خوف ويتر وڌي ويو ۽ روئندي چيائين؛ چاچا سائين! مون ڏٺو آهي ته وڏين ڪاٺين کي ساڙڻ جي لاءِ ان جي چوڌاري ڇوڏا ڦٽيون وغيره لڳايون وينديون آهن، باهه ڇوڏن کي جلد لڳندي آهي ۽ انهن جي ڪري پوءِ وڏيون ڪاٺيون به سڙڻ لڳنديون آهن! مان ڊڄان ٿو ته ابوجھل ۽ ابولهب جھڙن ڪافرن کي جھنم ۾ ساڙڻ جي لاءِ ڇوڏن جي جڳهه تي ڪٿي مون کي نه ساڙيو وڃي!

خوفِ خُدا سبب روئڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ننڍپڻ شريف ۾ ئي ڪيتري قدر خوفِ خُدا رکندڙ هئا۔ الله پاڪ اسان کي به خوفِ خُدا جي نعمت عطا فرمائي، يقيناً خوفِ خُدا ۽ عِشقِ مصطفيٰ ۾ روئڻ عظيم الشَّان نيڪي آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن مؤمن جي اکين مان الله پاڪ جي خوف سبب لڙڪ نڪرندا آهن جيتوڻيڪ مک جي مٿي برابر هجن پوءِ اهي لڙڪ ان جي چهري جي ظاهري حصي تائين پهچن ته الله پاڪ ان کي جھنم تي حرام ڪري ڇڏيندو آهي۔([1])

جی چاہتا ہے پھوٹ کے روؤُں ترے ڈر سے         اللہ مگر دِل سے قَسَاوت نہیں جاتی

 حضرت ابراهيم و حضرت يحيٰ عَلَيهمَا السَّلَام جو خوفِ خُدا

اِحياءُ العُلُوم ۾ آهي: الله پاڪ جا خليل حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ خدا جي سبب ايترو ته روئندا هئا جو هڪ ميل  (تقريباً ڏيڍ ڪلو ميٽر)  جي فاصلي تي سندن جي سيني ۾ ٿيندڙ گُڙگُڙاهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔ (احیاءُ العلوم مترجم، جلد:4، صفحہ:533)


 

 



[1]...شُعَبُ الْاِیْمان، جلد:1، صفحہ:490، حدیث:802۔