Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

ولي هئا.

مڪتبة المدينه ”فيضانِ بهاءُ الدِّين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نالي سان سندن سيرت تي هڪ رسالو به ڇاپيو آهي، اچو! حضرت بهاءُ الدِّين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

الله پاڪ جي خفيه تدبير جو خوف

هڪ دفعي جو ذِڪر آهي؛ حضرت بهاءُ الدِّين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي خوفِ خُدا جو ايترو غلبو ٿيو جو پاڻ حُجري شريف ۾ داخِل ٿيا، دروازو بند ڪيائون ۽ سجدي ۾ ڪري توبه ۽ استغفار ڪرڻ لڳا، اکين مان لڙڪ جاري هئا، خوفِ خُدا سبب سينو اُٻري رهيو هو، ايترا رُنا جو مُصَلّو لڙڪن سبب آلو ٿي ويو، سندن صاحبزادا ۽ مريد اوچتو هن حالت سبب سخت پريشان ٿيا، حضرت بهاءُالدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تڙپي تڙپي روئڻ جو آواز سڀني جو سينو چيري رهيو هو، دِليون ڏڪي رهيون هيون، صاحبزادا ۽ مُرِيد هر هر حُجري شريف جو در کڙڪائي رهيا هئا، التجائون ڪري رهيا هئا: عالي جاھ! دروازو کوليو! پرشيخ الاسلام حضرت بهاء الدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خُدا ۾ غرق، سڀني کان بي نياز ٿي دانهون ڪري روئي رهيا هئا، نيٺ سندن پوٽي شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي گھرايو ويو، حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پوٽي سان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا، شاھ رُڪنِ عالمرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دروازي کي کڙڪايو ۽ 2، 3 ڀيرا زور سان آواز ڏنائون: ڏاڏا سائين! دروازو کوليو...!! هاڻي حضرت شيخ الاسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُٿي دروازو کوليو، شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي اندر اچڻ جي اجازت ملي۔

شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اندر پهتا ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويا ته رَوئي رَوئي حضرت شيخ الاسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون اکيون سُڄي ويون آهن، پاڻ ايترا رُنا جو لڙڪ ختم ٿي ويا ۽ هاڻي سندن مبارڪ اکين مان رت جا ڦڙا ڪري رهيا هئا۔