Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

قسمتي سان مسلمان ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ڪجھ بدنصيب مسلمانن جو مَعَاذَ الله! اِيمان کي ڦري وڃڻ به ثابِت آهي. افسوس! جيڪو اِيمان کان ڦري يعني ڪافِر ۽ مُرتَد ٿي مرندو، اِهو هميشه هميشه جي لاءِ دوزَخ ۾ رهندو۔ سيپاري: 2، سوره بقره، آيت:217 ۾ ارشاد  ٿئي ٿو:

وَ مَنْ یَّرْتَدِدْ مِنْكُمْ عَنْ دِیْنِهٖ فَیَمُتْ وَ هُوَ كَافِرٌ فَاُولٰٓىٕكَ حَبِطَتْ اَعْمَالُهُمْ فِی الدُّنْیَا وَ الْاٰخِرَةِۚ-وَ اُولٰٓىٕكَ اَصْحٰبُ النَّارِۚ-هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ(۲۱۷)

ترجموڪنزلايمان: ۽ اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو پوءِ ڪافر ٿي مرندو ته انهن ماڻهن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿي وئي ۽ اهي ئي دوزخي آهن کين انهيءَ ۾ هميشه رهڻو آهي.

  هڪ ڊگھي حديثِ پاڪ ۾ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَولادِ آدم مختلف طبقن تي پيدا ڪيو ويو، انهن مان بعض مؤمن پيدا ٿيا، حالتِ ايمان تي زِندھ رهيا ۽ مؤمن ئي مرندا۔ بعض ڪافِر پيدا ٿيا، حالتِ ڪفر تي زِندھ رهيا ۽ ڪافِر ئي مرندا۔ جڏهن ته ڪي اهي آهن جيڪي مؤمن پيدا ٿيا، مؤمنن واري زندگي گذاري پر ڪافِر ٿي مرندا، بعض ڪافِر پيدا ٿيا، ڪافِر زندھ رهيا ۽ مؤمن ٿي دُنيا مان ويندا۔([1])

ایماں پہ رَبِّ  رحمت دے دے تُو استقامت    دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو ترے نبی کا([2])

 خُفيه تدبير کان بي خوفي سخت نقصان ڏيندڙ آهي

   اي عاشقانِ رسول! اسان کي هر وقت الله پاڪ جي خُفيه تَدبِير کان ڊڄڻ


 

 



[1]...ترمذی، کتابُ الفِتَن، صفحہ:528، حدیث:2191۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:178۔