Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

اهو دِل ڏڪائيندڙ منظر ڏسي شاھ رُڪنِ عالم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: ڏاڏا سائين! ايترو روئڻ جو سبب ڇا آهي؟ حضرت شيخ الاسلام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جيڪو فرمايو، ان کي دِل جي ڪنن سان ٻڌو! ارشاد فرمايائون: پٽ! مون عالَمِ مُڪاشَفه ۾ ڏٺو ته هڪ شخص آهي، ان جو نالو به ”بهاءُالدين“ آهي، زُهد ۽ تقويٰ ۾ صاحبِ ڪمال آهي، عِلم ۽ عمل ۾ پنهنجي وقت جو سردار آهي، ان جو انتقال ٿيو، وڏي عرصي جي عِبَادت، تقويٰ ۽ پرهيز گاري ان جي ڪجھ ڪم نه آئي، ان جا سمورا عمل ان جي منهن تي هنيا ويا ۽ ايمان کسجي ويو، ان شخص جو اهو حال ڏسي مون تي خوف طاري ٿي ويو ته هڪ هو بهاءُالدين هو، جنهن جي عبادت ۽ اطاعت ان جي ڪنهن ڪم نه آئي ۽ ان جو ايمان کسيو ويو ۽ هڪ مان آهيان، خُدا ڄاڻي مون سان ڪهڙو مُعَاملو ٿيندو۔

کاشکے نہ دُنیا میں پیدا مَیں ہوا ہوتا                         قبر وحَشْر کا سب غم ختم ہو گیا ہوتا

دو جہاں کی فکروں سے یُوں نجات مل جاتی           میں مدینے کا سچ مُچ کُتّا بن گیا ہوتا

آہ! سلبِ ایماں کا خوف کھائے جاتا ہے            کاشکے مری ماں نے ہی نہیں جنا ہوتا([1])

 حضرت بهاءُالدين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خدا ۾ تڙپندي وڌيڪ فرمايائون: پٽ: روزِ ميثاق (يعني:) عالَمِ اَرواح ۾ جڏهن الله پاڪ سڀني رُوحن کي گڏ ڪري ارشاد فرمايو: اَلَستُ بِرَبِّکُم ڇا مان توهان جو رب نه آهيان؟ رُوحن اقرار ڪندي چيو: بَلٰى موليٰ! ڇو نه، تُون ئي اسان جو رَب آهين. هاڻي سمورن رُوحن کي حڪم ٿيو: مان توهان جو رَبّ آهيان، مون کي سجدو ڪيو۔ ان حڪم تي ڪيئي رُوح سجدي ۾ ڪري پيا ۽ ڪيئي بيٺل رهيا، الله پاڪ ٻيهر سجدي جو حڪم ڏنو، هن ڀيري وڌيڪ روح سجدو ڪرڻ وارن سان ملي ويا ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيائون، اهي ٻئي گروه مُخلِص چئبا، جن پهرين حڪم تي


 

 



[1]...وسائل بخشش،  صفحہ:158تا160۔