Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

ته منهنجي زندگي ۾ انقلاب برپا ٿي ويو، مون خوفِ خُدا وچان روئي روئي گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس ۔

اسی ماحول نے ادنیٰ کو اعلیٰ کر دیا دیکھو        اندھیرا ہی اندھیرا تھا، اُجالا کر دیا دیکھو

 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ تَمَسَّكَ بِسُنَّتِيْ عِنْدَ فَسَادِ اُمَّتِيْ فَلَهُ اَجْرُ مِائَةَ شَهِيْدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سؤ شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔([1])

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!                         یارب تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: مُڇيون ڪٽرايو ڏاڙهيون وڌايو مجوسين جي مخالفت ڪيو!([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڙهي رکڻ سُنَّتِ مصطفيٰ بلڪه سُنّتِ انبياء آهي * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي مبارڪ هميشه هڪ مُٺي جي مقدار رهندي هئي * جيڪڏهن هڪ مُٺي جي مقدار کان وڌي ويندي هئي ته گھٽ ڪرائيندا هئا * رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏاڙهي


 

 



[1]...زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:115۔

[3]...مسلم، کتابُ الطہارت، باب:خِصَالُ الْفِطْرۃ، صفحہ:153، حدیث:257۔