Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

وہ پرچہ جس میں لکھا تھا درود اس نے کبھی         یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں([1])

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([2])

 اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * الله پاڪ جي رضا ۽ علمِ دين سکڻ جي لاءِ بيان ٻڌندس. * ٻڌي ڪري عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس* جيترو ياد رهيو، ٻين تائين پهچائڻ جي سعادت حاصل ڪندس،* باادب ويهندس. * پياري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي ڪري درود پڙهندس.

اچّھی اچّھی نیّتوں کا، ہو خدا جذبہ عطا           بندۂ مخلص بنا، کر عَفْو میری ہر خطا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! 7 صَفَرُ المُظَفَّر تي عالَمِ اسلام جي عظيم شخصيت، شيخ الاِسلام حضرت بهاءُ الدِّين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عُرسِ پاڪ ٿيندو آهي * حضرت بهاء الدين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه27 رمضان المبارڪ، 566 هجري ۾ پنجاب پاڪستان جي شهر لَيه ۾ پيدا ٿيا * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ابي ڏاڏي جي خاندان مان هڪ بزرگ آهن: حضرت قُصَي بِن ڪلاب رَضِىَ اللهُ عَنۡه۔ حضرت بهاءُ الدِّين زڪريا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي اولاد مان آهن * حضرت بهاءُ الدِّين زَڪرِيا ملتاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏي رُتبي وارا عالم، عابِد، زاهد، متقي، پرهيزگار، زَبردست مبلغِ اسلام ۽ پيدائشي ڪامِل


 

 



[1]...سامانِ بخشش، صفحہ:93-94 ملتقطاً۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔