Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد ۾ حاضر ٿيندي ئي اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ! تمام گهڻو ثواب ملندو. ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت ڪندؤ ته هي شيون به ضمناً جائز ٿي وينديون. اهو به ياد رهي ته کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، جي لاءِ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ درست ناهي، اعتڪاف جي نيت رضاءِ الٰهي جي لاءِ هجي، اگر مسجد ۾ کاڌو وغيره کائڻو هجي يا سمهڻ جو ارادو بڻجي ته الله پاڪ جي رضا جي لاءِ اعتڪاف جي نيت ڪيو، ڪجھ دير عبادت يا ذڪر ۽ درود ڪيو، هاڻي چاهيو ته کائي پيئي سگهو ٿا.

 درودِ پاڪ جي فضيلت

شاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن ڪتاب ۾ مون تي درودِ پاڪ لکيو، جيستائين منهنجو نالو ان ۾ رهندو، ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دُعا گھرندا رهندا۔([1]) 

عجب کرم ہے کہ خود مجرموں کے حامی             گناہگاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں


 

 



[1]...معجم اَوْسط، جلد:1، صفحہ:497، حدیث:1835۔