Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

خوفِ خُدا بابت ۽ ٻين موضوعن تي ديني ڪتابن جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اداري مڪتبة المدينه تي اچو، اتان نهايت قيمتي ڪتاب ۽ رسالا سستي اگھ ۾ حاصل ڪري سگھجن ٿا۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي: Islamic Ebook Library (اسلامِڪ اِي بُڪ لائبريري)۔ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي مڪتبة المدينه تان شايع (Publish) ٿيندڙ ڪتاب مفت ڊاؤن لوڊ ڪري سگھجن ٿا، اها ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو پرايو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

زمانے کا ڈر میرے دِل سے مٹا کر            تُو کر خوف اپنا عطا یااِلٰہی!

 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: هفتيوار اجتماع

پيارا اسلامي ڀائرو! عشقِ رسول جا جام پيئڻ ۽ دِل ۾ خوفِ خُدا وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، دعوتِ اسلامي جي 12 دِيني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حصو وٺو، ان جي برڪت سان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! خوفِ خُدا ۽ عشقِ مصطفيٰ جي نعمت نصيب ٿيندي، نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪر ڪرڻ جو ذهن بڻبو۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار اجتماع۔

مان روزانو ٻه فلمون ڏسندو هئس

جيڪب آباد (سندھ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان تمام گھڻو گناهن ۾ ڦاٿل هيس، عموماً روزانو ٻه فلمون ڏسندو هيس، هڪ ڀيري مان پنهنجي هڪ دوست سان ملڻ جي لاءِ حيدر آباد (سندھ) ويس، اهو خميس جو ڏينهن هو، منهنجو دوست دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ مون کي به گڏ وٺي ويو، اتي مون شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو بيان ٻڌو