Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

الله پاڪ جا نبي حضرت يحي عَلَيۡهِ السَّلَام تمام گھڻو خوفِ خُدا رکندڙ هئا، جڏهن پاڻ نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته ايترو روئيندا هئا جو وڻ ۽ مٽي جا ڀتر به گڏ روئڻ لڳندا هئا، حضرت يحيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام خوفِ خُدا سبب لاڳيتو روئيندا رهندا هئا، ايستائين جو مسلسل نڪرندڙ لڙڪن سبب سندن رُخسارن تي زخم پئجي ويا هئا۔([1])

الله پاڪ اسان کي به خوفِ خُدا سبب روئڻ نصيب فرمائي۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: خوفِ خُدا سبب روئڻ وارو هرگز جھنم ۾ داخل نه ٿيندو ايستائين جو کير ٿڻن ۾ واپس موٽي اچي. ([2])

مُفَسِّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا؛ مطلب اهو آهي ته جيئن ڏڌل کير جو ٿڻن ۾ واپس ٿيڻ ناممڪن آهي ائين ئي خوفِ خدا رکندڙ شخص جو دوزخ ۾ وڃڻ ناممڪن آهي۔([3])

لائِقِ نار ہیں مِرے اعمال                     التجا یاخُدا کرم کی ہے

 خوفِ خُدا ”ايمان“ جي تقاضا آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو خوف تمام وڏي نعمت آهي، خوفِ خُدا ۾ روئڻ نبي سڳورن جي سُنّت آهي، خوفِ خُدا ۾ روئڻ نيڪ ماڻهن جي نشاني آهي بلڪ جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته خوفِ خُدا اسان جي ايمان جي تقاضا آهي، ڏسو! اسان الله پاڪ تي ان جي تمام صفتن ساڻ ايمان رکون ٿا: اٰمَنْتُ بِاللہِ بِجَمِیْعِ صِفَاتِہ (مان الله پاڪ تي ان جي تمام صِفَتن ساڻ ايمان آندو)۔ الله پاڪ جي صِفتن ۾، هڪ صِفَّت اَلصَّمَد به آهي يعني الله پاڪ بي نياز آهي، الله پاڪ ڪنهن جو محتاج نه


 

 



[1]...نیکی کی دعوت، صفحہ:274۔

[2]...ترمذی، کتاب: فضائلِ جہاد، صفحہ:415، حدیث:1633۔

[3]...مرآۃُ المناجیح، جلد:5، صفحہ:436۔