Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

آهي، جڏهن اسان الله پاڪ جي هن صِفَّت تي ايمان آڻيون ٿا ته ان جي تقاضا آهي ته اسان ان جي بي نيازي کان ڊڄون، فرض ڪيو اسان وٽ نيڪيون آهن، سڄي سڄي رات سجدا ڪيون ٿا، سڄو ڏينهن روزا رکون ٿا، سڄي زندگي هڪ به گُنَاھ نٿا ڪيون، تڏهن به جيتريون نعمتون الله پاڪ اسان کي عطا ڪيون آهن، انهن مان هڪ نعمت جو به پُورو پُورو حق ڪڏهن ادا ٿيو؟ الله پاڪ بي نياز آهي، جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن اسان جي تمام نيڪين کي هڪ پلڙي ۾ رکي الله پاڪ جي صِرف هڪ نعمت کي ٻي پلڙي ۾ رکيو ويو ته سڄي زِندگي جون نيڪيون اُن هڪ نعمت جو بدلو نه ٿي سگھنديون ۽ يقينن بدلو ٿي به نه سگھنديون، ٿورو سوچيو! جيڪڏهن ايئن حِسَاب ورتو ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟

معلوم ٿيو؛ جڏهن اسان الله پاڪ کي بي نياز مڃون ٿا ته اهو مڃڻ هن ڳالھ جي تقاضا ڪري ٿو ته اسان الله پاڪ جي بي نيازي کان ڊڄون۔

اهڙي طرح الله پاڪ جي هڪ صِفَّت قَهار به آهي يعني الله پاڪ غضب فرمائڻ وارو آهي، الله پاڪ قهر فرمائڻ وارو آهي، الله پاڪ جي صِفَّتِ قَهار تي ايمان جي تقاضا به اهائي آهي ته اسان الله پاڪ کان ڊڄون، الله پاڪ جي قهر کان، الله پاڪ جي غضب کان، الله پاڪ جي ناراضِگي کان خوف ڪيون۔ الله پاڪ جي ان صفتن تي جيترو ايمان ڪمزور ٿيندو ويندو، خوفِ خُدا ۾ به ڪمي ايندي ويندي ۽ جيترو ايمان مضبوط ٿيندو ويندو، اوترو خوفِ خُدا ۾ اضافو ٿيندو ويندو۔ خبر پئي الله پاڪ جي خفيه تدبير جو خوف، الله پاڪ جي ناراضگي جو خوف، الله پاڪ جي قهر ۽ غضب جو خوف، هي اسان جي ايمان جي تقاضا آهي۔

خَوفِ خُدا جو قرآني حڪم

سيپاري: 4، سوره آلِ عمران، آيت:102 ۾ ارشاد آهي: