Book Name:Khof-e-Khuda Hasil Karnay Kay Tariqay

ڏيکارين، ڪاش! مديني پاڪ ۾، گنبدِ خضراء جي ڇانو ۾، سنهري ڄارين جي سامهون جلوهءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ اِيمان تي موت نصيب ٿئي۔

نَزع کے وقت مجھے جلوۂ  محبوب دکھا          تیرا کیا جائے گا میں شاد مروں گا یا رَبّ([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي بي نيازي ۽ ان جي خُفيه تدبير کان هر مسلمان کي ڏڪندو رهڻ گھرجي، خبر ناهي ڪهڙو گُنَاھ الله پاڪ جي قهر ۽ غضب جو سبب ٿي وڃي ۽ ايمان جي لاءِ خطرو پيدا ٿي وڃي۔ بَس هر وقت پنهنجي پياري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عاجزي جو مُظَاهرو ڪرڻ گھرجي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: جنهن کي زِندگي ۾ سلبِ ايمان (يعني ايمان کسجي وڃڻ) جو خوف نه هجي، سڪرات جي وقت ان جو ايمان کسجڻ جو انديشو آهي۔([2])

زندگی اور موت کی ہے یااِلٰہی کشمکش        جاں چلے تیری رِضا پر بےکس و مجبور کی

 امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو خوفِ خُدا

شيخِ طريقت، امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه پنهنجي ڪتاب ”نيڪي جي دعوت“ صفحي: 585 تي هڪ ايمان افروز حڪايت نقل ڪن ٿا، ان جو خُلاصو ڪجھ هيئن آهي: حضرت امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام وڏي رُتبي واري هستي آهن، سندن عمر مبارڪ جڏهن 4 سالن جي هئي، ان وقت سندن خوفِ خُدا جو عالَم اهو جو هڪ ڏينهن زارو قطار روئي رهيا ها، ڪنهن شخص آلِ رسول جي خدمت جي جذبي سبب عرض ڪيو؛ شهزادا! ڇا ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته حڪم فرمايو،  هينئرئي حاضر ڪيان ٿو، اهو ٻڌي حضرت امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي روئڻ جو آواز ويتر وڌي ويو ۽ چيائين؛ چاچا! الله پاڪ جي غضب ۽ جھنم جي عذاب جي خوف سان دل ٻڏي رهي آهي! ان صاحب شفقت


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:۔

[2]...ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:495۔